Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #40 Translated in Sindhi

وَلَقَدْ بَعَثْنَا فِي كُلِّ أُمَّةٍ رَسُولًا أَنِ اعْبُدُوا اللَّهَ وَاجْتَنِبُوا الطَّاغُوتَ ۖ فَمِنْهُمْ مَنْ هَدَى اللَّهُ وَمِنْهُمْ مَنْ حَقَّتْ عَلَيْهِ الضَّلَالَةُ ۚ فَسِيرُوا فِي الْأَرْضِ فَانْظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُكَذِّبِينَ
۽ بيشڪ ھر قوم ۾ (ھڪ) پيغمبر موڪليوسون تہ الله جي عبادت ڪريو ۽ بتن (جي پوڄا) کان پري ٿيو، پوءِ منجھانئن ڪي اھڙا آھن جن کي الله ھدايت ڪئي ۽ منجھانئن ڪي اھڙا آھن جن تي گمراھي ثابت ٿي، پوءِ مُلڪن ۾ گھُمو وري ڏسو تہ ڪوڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي
إِنْ تَحْرِصْ عَلَىٰ هُدَاهُمْ فَإِنَّ اللَّهَ لَا يَهْدِي مَنْ يُضِلُّ ۖ وَمَا لَهُمْ مِنْ نَاصِرِينَ
(اي پيغمبر!) جيڪڏھن ھنن کي ھدايت ڪرڻ لاءِ حرص ڪندين (تہ منجھانئن ڪوبہ فائدو نہ آھي) ڇو تہ الله جنھن کي گمراھ ڪندو آھي تنھن کي ھدايت نہ ڪندو آھي ۽ اُنھن جو ڪوبہ مددگار نہ آھي
وَأَقْسَمُوا بِاللَّهِ جَهْدَ أَيْمَانِهِمْ ۙ لَا يَبْعَثُ اللَّهُ مَنْ يَمُوتُ ۚ بَلَىٰ وَعْدًا عَلَيْهِ حَقًّا وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
۽ الله جو پڪيءَ طرح قسم کنيائون تہ جيڪو مرندو تنھن کي (الله) وري نہ جياريندو، ھائو! (وري جياريندو) اُن ڳالھ تي پڪ ٿي چڪي آھي مگر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
لِيُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذِي يَخْتَلِفُونَ فِيهِ وَلِيَعْلَمَ الَّذِينَ كَفَرُوا أَنَّهُمْ كَانُوا كَاذِبِينَ
ھن لاءِ (وري جياريندو) تہ جنھن بابت تڪرار ڪندا آھن سو اُنھن کي پڌرو ڪري ٻڌائي ۽ تہ ڪافر ڄاڻن تہ اُھي (پاڻ) ڪُوڙا ھئا
إِنَّمَا قَوْلُنَا لِشَيْءٍ إِذَا أَرَدْنَاهُ أَنْ نَقُولَ لَهُ كُنْ فَيَكُونُ
ڪنھن بہ شئي لاءِ اسان جو چوڻ بس ھي آھي تہ جڏھن اسين اُن کي پيدا ڪرڻ گھرندا آھيون تڏھن اُن کي چوندا آھيون تہ ٿيءُ تہ ٿي پوندي آھي

Choose other languages: