تَبَّتْ يَدَا أَبِي لَهَبٍ وَتَبَّ
![](https://www.al-quran.cc/images/pictures/ayah_num/a_1.png)
ابولھب جا ھٿ (شال) ڀڄن ۽ (شال پاڻ بہ) ھلاڪ ٿئي
مَا أَغْنَىٰ عَنْهُ مَالُهُ وَمَا كَسَبَ
![](https://www.al-quran.cc/images/pictures/ayah_num/a_2.png)
سندس مال ۽ جيڪي ڪمايائين تنھن کانئس (الله جو عذاب) نہ ٽاريو
سَيَصْلَىٰ نَارًا ذَاتَ لَهَبٍ
![](https://www.al-quran.cc/images/pictures/ayah_num/a_3.png)
ڄڀيءَ واري باھ ۾ سگھو گھڙندو
وَامْرَأَتُهُ حَمَّالَةَ الْحَطَبِ
![](https://www.al-quran.cc/images/pictures/ayah_num/a_4.png)
۽ سندس زال بہ، جا ڪاٺين (جي لَڏ) کڻندڙ آھي
فِي جِيدِهَا حَبْلٌ مِنْ مَسَدٍ
![](https://www.al-quran.cc/images/pictures/ayah_num/a_5.png)
جنھن جي ڳچيءَ ۾ کاٻر جو نوڙ پيل آھي