Download Mobile App:

Surah Al-Maarij Translated in Sindhi

سَأَلَ سَائِلٌ بِعَذَابٍ وَاقِعٍ
ھڪ سوال ڪندڙ پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو
لِلْكَافِرِينَ لَيْسَ لَهُ دَافِعٌ
ڪافرن تي جنھن کي ڪو ھٽائڻ وارو نہ آھي
مِنَ اللَّهِ ذِي الْمَعَارِجِ
جو وڏن مرتبن (ڏيڻ) واري الله جي طرف کان (پوندڙ) آھي
تَعْرُجُ الْمَلَائِكَةُ وَالرُّوحُ إِلَيْهِ فِي يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهُ خَمْسِينَ أَلْفَ سَنَةٍ
جنھن ڏينھن جي ڊيگھ پنجاھ ھزار ورھيہ آھي، تنھن ۾ ملائڪ ۽ جبرئيل الله ڏانھن (ڪافرن تي عذاب لاھڻ لاءِ) چڙھندا
فَاصْبِرْ صَبْرًا جَمِيلًا
تنھنڪري تون چڱو صبر ڪر
إِنَّهُمْ يَرَوْنَهُ بَعِيدًا
ڇو تہ ڪافر اُنھيءَ (ڏينھن) کي پري ڏسن ٿا
وَنَرَاهُ قَرِيبًا
۽ (اسين) اُن کي ويجھو ٿا ڏسون
يَوْمَ تَكُونُ السَّمَاءُ كَالْمُهْلِ
جنھن ڏينھن آسمان پگھريل ٽامي وانگر ٿيندو
وَتَكُونُ الْجِبَالُ كَالْعِهْنِ
۽ جبل پڃيل اُن وانگر ٿيندا
وَلَا يَسْأَلُ حَمِيمٌ حَمِيمًا
۽ ڪو ويجھو (مائٽ) ڪنھن ٻئي ويجھي (مائٽ) کان نہ پڇندو
Load More