Download Mobile App:

Surah Al-Adiyat Translated in Sindhi

وَالْعَادِيَاتِ ضَبْحًا
ھانڀارو ھڻي ڊوڙندڙن گھوڙن جو قَسم آھي
فَالْمُورِيَاتِ قَدْحًا
پوءِ پھڻن تي نعلن ھڻڻ سان چڻنگن ڪڍندڙن (گھوڙن) جو قسم آھي
فَالْمُغِيرَاتِ صُبْحًا
پوءِ صبح جي مھل لُٽِ ڪندڙ (گھوڙن) جو قسم آھي
فَأَثَرْنَ بِهِ نَقْعًا
جو اُن مھل رئي اُٿارين
فَوَسَطْنَ بِهِ جَمْعًا
پوءِ اُن گھڙيءَ (دشمنن جي) ٽوليءَ جي وچ ۾ پون
إِنَّ الْإِنْسَانَ لِرَبِّهِ لَكَنُودٌ
تہ بيشڪ ماڻھو پنھنجي پالڻھار جو وڏو بي شُڪر آھي
وَإِنَّهُ عَلَىٰ ذَٰلِكَ لَشَهِيدٌ
۽ بيشڪ اُھو پاڻ انھيءَ تي شاھد آھي
وَإِنَّهُ لِحُبِّ الْخَيْرِ لَشَدِيدٌ
۽ بيشڪ اُھو مال جي محبت ۾ ڏاڍو سخت آھي
أَفَلَا يَعْلَمُ إِذَا بُعْثِرَ مَا فِي الْقُبُورِ
(اُنھيءَ وقت کي) نہ ڄاڻندو آھي ڇا، جنھن وقت اُنھن کي اُٿاربو جيڪي قبرن ۾ نہ آھن؟
وَحُصِّلَ مَا فِي الصُّدُورِ
۽ جيڪي سينن ۾ آھي سو پڌرو ڪبو
Load More