إِنَّا أَنْزَلْنَاهُ فِي لَيْلَةِ الْقَدْرِ
![](https://www.al-quran.cc/images/pictures/ayah_num/a_1.png)
بيشڪ اسان قرآن شب قدر ۾ لاٿو
وَمَا أَدْرَاكَ مَا لَيْلَةُ الْقَدْرِ
![](https://www.al-quran.cc/images/pictures/ayah_num/a_2.png)
۽ ڪنھن سمجھايئي تہ شب قدر ڇا آھي؟
لَيْلَةُ الْقَدْرِ خَيْرٌ مِنْ أَلْفِ شَهْرٍ
![](https://www.al-quran.cc/images/pictures/ayah_num/a_3.png)
شب قدر، ھزار مھينن کان ڀلي آھي
تَنَزَّلُ الْمَلَائِكَةُ وَالرُّوحُ فِيهَا بِإِذْنِ رَبِّهِمْ مِنْ كُلِّ أَمْرٍ
![](https://www.al-quran.cc/images/pictures/ayah_num/a_4.png)
منجھس ملائڪ ۽ رُوح (جبريل) پنھنجي پالڻھار جي حڪم سان سڀڪنھن ڪم (جي پورائيءَ) لاءِ لھندا آھن
سَلَامٌ هِيَ حَتَّىٰ مَطْلَعِ الْفَجْرِ
![](https://www.al-quran.cc/images/pictures/ayah_num/a_5.png)
اُنھيءَ رات پرھ ڦُٽڻ تائين سلامتي آھي