Download Mobile App:

Surah Al-Insan Translated in Sindhi

هَلْ أَتَىٰ عَلَى الْإِنْسَانِ حِينٌ مِنَ الدَّهْرِ لَمْ يَكُنْ شَيْئًا مَذْكُورًا
ڪڏھن ماڻھوءَ تي زماني مان ھڪ (اھڙو) وقت گذري چڪو آھي، جو (ھو اھڙي) ڪا شئي نہ ھو جا يادگيريءَ ۾ اچي
إِنَّا خَلَقْنَا الْإِنْسَانَ مِنْ نُطْفَةٍ أَمْشَاجٍ نَبْتَلِيهِ فَجَعَلْنَاهُ سَمِيعًا بَصِيرًا
بيشڪ اسان ماڻھوءَ کي ھڪڙي (گھڙن جزن سان) گڏيل نطفي مان پيدا ڪيو تہ اُن کي پرکيون، پوءِ کيس ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون
إِنَّا هَدَيْنَاهُ السَّبِيلَ إِمَّا شَاكِرًا وَإِمَّا كَفُورًا
بيشڪ اسان کيس سڌو دڳ ڏسيو، (ھاڻي ھو) شُڪر ڪندڙ ٿئي يا بي شُڪر
إِنَّا أَعْتَدْنَا لِلْكَافِرِينَ سَلَاسِلَ وَأَغْلَالًا وَسَعِيرًا
بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير ۽ ڳٽ ۽ ٻرندڙ باھ تيار ڪئي آھي
إِنَّ الْأَبْرَارَ يَشْرَبُونَ مِنْ كَأْسٍ كَانَ مِزَاجُهَا كَافُورًا
بيشڪ نيڪ بخت ٻانھا (اُنھيءَ شراب جي) پيالي مان پيئندا، جنھن جي ملاوت ڪافور (جي چشمي جي پاڻيءَ) جي ھوندي
عَيْنًا يَشْرَبُ بِهَا عِبَادُ اللَّهِ يُفَجِّرُونَهَا تَفْجِيرًا
اُھو ھڪ چشمو آھي، جنھن مان الله جا (پيارا) ٻانھا پيئندا، جنھن کي چڱيءَ طرح وھائيندا
يُوفُونَ بِالنَّذْرِ وَيَخَافُونَ يَوْمًا كَانَ شَرُّهُ مُسْتَطِيرًا
(جي الله جي) باسيل باس پوري ڪندا آھن ۽ اُن ڏينھن کان ڊڄندا آھن، جنھن جي بڇڙائي (ھر طرف) پڌري ھوندي
وَيُطْعِمُونَ الطَّعَامَ عَلَىٰ حُبِّهِ مِسْكِينًا وَيَتِيمًا وَأَسِيرًا
۽ طعام جي (کين) ضرورت ھوندي بہ مُحتاج ۽ يتيم ۽ قيديءَ کي کارائيندا آھن
إِنَّمَا نُطْعِمُكُمْ لِوَجْهِ اللَّهِ لَا نُرِيدُ مِنْكُمْ جَزَاءً وَلَا شُكُورًا
(۽ چوندا آھن تہ) اسين تہ اوھان کي الله جي راضپي واسطي کارائيندا آھيون، اوھان کان نہ ڪو بدلو ۽ نہ ڪا شڪر گذاري گھرندا آھيون
إِنَّا نَخَافُ مِنْ رَبِّنَا يَوْمًا عَبُوسًا قَمْطَرِيرًا
بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار کان ھڪ ڏکئي ڏينھن کان ڊڄندا آھيون، جو تمام سخت آھي
Load More