Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Insan Ayahs #13 Translated in Sindhi

إِنَّمَا نُطْعِمُكُمْ لِوَجْهِ اللَّهِ لَا نُرِيدُ مِنْكُمْ جَزَاءً وَلَا شُكُورًا
(۽ چوندا آھن تہ) اسين تہ اوھان کي الله جي راضپي واسطي کارائيندا آھيون، اوھان کان نہ ڪو بدلو ۽ نہ ڪا شڪر گذاري گھرندا آھيون
إِنَّا نَخَافُ مِنْ رَبِّنَا يَوْمًا عَبُوسًا قَمْطَرِيرًا
بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار کان ھڪ ڏکئي ڏينھن کان ڊڄندا آھيون، جو تمام سخت آھي
فَوَقَاهُمُ اللَّهُ شَرَّ ذَٰلِكَ الْيَوْمِ وَلَقَّاهُمْ نَضْرَةً وَسُرُورًا
پوءِ الله اُن ڏينھن جي شر کان کين بچايو ۽ اُنھن کي تازگي ۽ خوشي پھچائي
وَجَزَاهُمْ بِمَا صَبَرُوا جَنَّةً وَحَرِيرًا
۽ سندن صبر ڪرڻ سببان باغ ۽ پَٽ (جو ويس) کين بدلو ڏنائين
مُتَّكِئِينَ فِيهَا عَلَى الْأَرَائِكِ ۖ لَا يَرَوْنَ فِيهَا شَمْسًا وَلَا زَمْهَرِيرًا
اُن (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ ڏئي ويھندا، اُتي نہ ڪي سج جي اُتت ۽ نہ ڪي ڪا سخت سردي ڏسندا

Choose other languages: