Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Insan Ayahs #15 Translated in Sindhi

فَوَقَاهُمُ اللَّهُ شَرَّ ذَٰلِكَ الْيَوْمِ وَلَقَّاهُمْ نَضْرَةً وَسُرُورًا
پوءِ الله اُن ڏينھن جي شر کان کين بچايو ۽ اُنھن کي تازگي ۽ خوشي پھچائي
وَجَزَاهُمْ بِمَا صَبَرُوا جَنَّةً وَحَرِيرًا
۽ سندن صبر ڪرڻ سببان باغ ۽ پَٽ (جو ويس) کين بدلو ڏنائين
مُتَّكِئِينَ فِيهَا عَلَى الْأَرَائِكِ ۖ لَا يَرَوْنَ فِيهَا شَمْسًا وَلَا زَمْهَرِيرًا
اُن (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ ڏئي ويھندا، اُتي نہ ڪي سج جي اُتت ۽ نہ ڪي ڪا سخت سردي ڏسندا
وَدَانِيَةً عَلَيْهِمْ ظِلَالُهَا وَذُلِّلَتْ قُطُوفُهَا تَذْلِيلًا
۽ اُن (باغ) جون ڇانئون مٿن ويجھيون ٿيل ھونديون ۽ اُن جا ميوا (پٽڻ ۾) چڱي طرح (لڙڪائي) ويجھا ڪبا
وَيُطَافُ عَلَيْهِمْ بِآنِيَةٍ مِنْ فِضَّةٍ وَأَكْوَابٍ كَانَتْ قَوَارِيرَا
۽ چانديءَ جي ٿانون ۽ پيالن سان وٽن اچ وڃ ٿيندي، جي شيشن وانگر ھوندا

Choose other languages: