Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Insan Ayahs #17 Translated in Sindhi

مُتَّكِئِينَ فِيهَا عَلَى الْأَرَائِكِ ۖ لَا يَرَوْنَ فِيهَا شَمْسًا وَلَا زَمْهَرِيرًا
اُن (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ ڏئي ويھندا، اُتي نہ ڪي سج جي اُتت ۽ نہ ڪي ڪا سخت سردي ڏسندا
وَدَانِيَةً عَلَيْهِمْ ظِلَالُهَا وَذُلِّلَتْ قُطُوفُهَا تَذْلِيلًا
۽ اُن (باغ) جون ڇانئون مٿن ويجھيون ٿيل ھونديون ۽ اُن جا ميوا (پٽڻ ۾) چڱي طرح (لڙڪائي) ويجھا ڪبا
وَيُطَافُ عَلَيْهِمْ بِآنِيَةٍ مِنْ فِضَّةٍ وَأَكْوَابٍ كَانَتْ قَوَارِيرَا
۽ چانديءَ جي ٿانون ۽ پيالن سان وٽن اچ وڃ ٿيندي، جي شيشن وانگر ھوندا
قَوَارِيرَ مِنْ فِضَّةٍ قَدَّرُوهَا تَقْدِيرًا
(پر) شيشا (بہ) چانديءَ جا جن کي انھن (پياريندڙن) پوري اندازي سان ٺھرايو آھي
وَيُسْقَوْنَ فِيهَا كَأْسًا كَانَ مِزَاجُهَا زَنْجَبِيلًا
۽ اُتي کين شراب جا پيالا پياربا، جنھن (جي پاڻيءَ) جي ملاوت سُنڍ (جي چشمي) جي ھوندي

Choose other languages: