Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Insan Ayahs #8 Translated in Sindhi

إِنَّا أَعْتَدْنَا لِلْكَافِرِينَ سَلَاسِلَ وَأَغْلَالًا وَسَعِيرًا
بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير ۽ ڳٽ ۽ ٻرندڙ باھ تيار ڪئي آھي
إِنَّ الْأَبْرَارَ يَشْرَبُونَ مِنْ كَأْسٍ كَانَ مِزَاجُهَا كَافُورًا
بيشڪ نيڪ بخت ٻانھا (اُنھيءَ شراب جي) پيالي مان پيئندا، جنھن جي ملاوت ڪافور (جي چشمي جي پاڻيءَ) جي ھوندي
عَيْنًا يَشْرَبُ بِهَا عِبَادُ اللَّهِ يُفَجِّرُونَهَا تَفْجِيرًا
اُھو ھڪ چشمو آھي، جنھن مان الله جا (پيارا) ٻانھا پيئندا، جنھن کي چڱيءَ طرح وھائيندا
يُوفُونَ بِالنَّذْرِ وَيَخَافُونَ يَوْمًا كَانَ شَرُّهُ مُسْتَطِيرًا
(جي الله جي) باسيل باس پوري ڪندا آھن ۽ اُن ڏينھن کان ڊڄندا آھن، جنھن جي بڇڙائي (ھر طرف) پڌري ھوندي
وَيُطْعِمُونَ الطَّعَامَ عَلَىٰ حُبِّهِ مِسْكِينًا وَيَتِيمًا وَأَسِيرًا
۽ طعام جي (کين) ضرورت ھوندي بہ مُحتاج ۽ يتيم ۽ قيديءَ کي کارائيندا آھن

Choose other languages: