Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #39 Translated in Sindhi

وَقَالَ الَّذِينَ أَشْرَكُوا لَوْ شَاءَ اللَّهُ مَا عَبَدْنَا مِنْ دُونِهِ مِنْ شَيْءٍ نَحْنُ وَلَا آبَاؤُنَا وَلَا حَرَّمْنَا مِنْ دُونِهِ مِنْ شَيْءٍ ۚ كَذَٰلِكَ فَعَلَ الَّذِينَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۚ فَهَلْ عَلَى الرُّسُلِ إِلَّا الْبَلَاغُ الْمُبِينُ
۽ مُشرڪ چوندا آھن تہ جيڪڏھن الله گھري ھا تہ اُن کانسواءِ ڪا شئي نڪي اسين پوڄيون ھا ۽ نڪي اسان جا ابا ڏاڏا (پوڄين ھا) ۽ نڪي اُن جي حُڪم کانسواءِ ڪا شئي حرام ڪريون ھا، اھڙي طرح جيڪي کانئن اڳ ھئا تن بہ ڪيو ھو، پوءِ پيغمبرن تي پڌري (پيغام) پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي لازم) نہ آھي
وَلَقَدْ بَعَثْنَا فِي كُلِّ أُمَّةٍ رَسُولًا أَنِ اعْبُدُوا اللَّهَ وَاجْتَنِبُوا الطَّاغُوتَ ۖ فَمِنْهُمْ مَنْ هَدَى اللَّهُ وَمِنْهُمْ مَنْ حَقَّتْ عَلَيْهِ الضَّلَالَةُ ۚ فَسِيرُوا فِي الْأَرْضِ فَانْظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُكَذِّبِينَ
۽ بيشڪ ھر قوم ۾ (ھڪ) پيغمبر موڪليوسون تہ الله جي عبادت ڪريو ۽ بتن (جي پوڄا) کان پري ٿيو، پوءِ منجھانئن ڪي اھڙا آھن جن کي الله ھدايت ڪئي ۽ منجھانئن ڪي اھڙا آھن جن تي گمراھي ثابت ٿي، پوءِ مُلڪن ۾ گھُمو وري ڏسو تہ ڪوڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي
إِنْ تَحْرِصْ عَلَىٰ هُدَاهُمْ فَإِنَّ اللَّهَ لَا يَهْدِي مَنْ يُضِلُّ ۖ وَمَا لَهُمْ مِنْ نَاصِرِينَ
(اي پيغمبر!) جيڪڏھن ھنن کي ھدايت ڪرڻ لاءِ حرص ڪندين (تہ منجھانئن ڪوبہ فائدو نہ آھي) ڇو تہ الله جنھن کي گمراھ ڪندو آھي تنھن کي ھدايت نہ ڪندو آھي ۽ اُنھن جو ڪوبہ مددگار نہ آھي
وَأَقْسَمُوا بِاللَّهِ جَهْدَ أَيْمَانِهِمْ ۙ لَا يَبْعَثُ اللَّهُ مَنْ يَمُوتُ ۚ بَلَىٰ وَعْدًا عَلَيْهِ حَقًّا وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
۽ الله جو پڪيءَ طرح قسم کنيائون تہ جيڪو مرندو تنھن کي (الله) وري نہ جياريندو، ھائو! (وري جياريندو) اُن ڳالھ تي پڪ ٿي چڪي آھي مگر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
لِيُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذِي يَخْتَلِفُونَ فِيهِ وَلِيَعْلَمَ الَّذِينَ كَفَرُوا أَنَّهُمْ كَانُوا كَاذِبِينَ
ھن لاءِ (وري جياريندو) تہ جنھن بابت تڪرار ڪندا آھن سو اُنھن کي پڌرو ڪري ٻڌائي ۽ تہ ڪافر ڄاڻن تہ اُھي (پاڻ) ڪُوڙا ھئا

Choose other languages: