Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #42 Translated in Sindhi

وَأَقْسَمُوا بِاللَّهِ جَهْدَ أَيْمَانِهِمْ ۙ لَا يَبْعَثُ اللَّهُ مَنْ يَمُوتُ ۚ بَلَىٰ وَعْدًا عَلَيْهِ حَقًّا وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
۽ الله جو پڪيءَ طرح قسم کنيائون تہ جيڪو مرندو تنھن کي (الله) وري نہ جياريندو، ھائو! (وري جياريندو) اُن ڳالھ تي پڪ ٿي چڪي آھي مگر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
لِيُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذِي يَخْتَلِفُونَ فِيهِ وَلِيَعْلَمَ الَّذِينَ كَفَرُوا أَنَّهُمْ كَانُوا كَاذِبِينَ
ھن لاءِ (وري جياريندو) تہ جنھن بابت تڪرار ڪندا آھن سو اُنھن کي پڌرو ڪري ٻڌائي ۽ تہ ڪافر ڄاڻن تہ اُھي (پاڻ) ڪُوڙا ھئا
إِنَّمَا قَوْلُنَا لِشَيْءٍ إِذَا أَرَدْنَاهُ أَنْ نَقُولَ لَهُ كُنْ فَيَكُونُ
ڪنھن بہ شئي لاءِ اسان جو چوڻ بس ھي آھي تہ جڏھن اسين اُن کي پيدا ڪرڻ گھرندا آھيون تڏھن اُن کي چوندا آھيون تہ ٿيءُ تہ ٿي پوندي آھي
وَالَّذِينَ هَاجَرُوا فِي اللَّهِ مِنْ بَعْدِ مَا ظُلِمُوا لَنُبَوِّئَنَّهُمْ فِي الدُّنْيَا حَسَنَةً ۖ وَلَأَجْرُ الْآخِرَةِ أَكْبَرُ ۚ لَوْ كَانُوا يَعْلَمُونَ
۽ جن پاڻ تي ظلم ٿيڻ کانپوءِ الله (جي واٽ) ۾ وطن ڇڏيو تن کي ضرور دنيا ۾ چڱي جاءِ ڏيندا آھيون، ۽ ضرور آخرت جو اَجر تمام وڏو آھي، ڪاش جو ڄاڻن ھا
الَّذِينَ صَبَرُوا وَعَلَىٰ رَبِّهِمْ يَتَوَكَّلُونَ
(اُھي نعمتون انھن کي آھن) جن صبر ڪيو ۽ (جي) پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪن ٿا

Choose other languages: