Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #25 Translated in Sindhi

فَخَرَجَ مِنْهَا خَائِفًا يَتَرَقَّبُ ۖ قَالَ رَبِّ نَجِّنِي مِنَ الْقَوْمِ الظَّالِمِينَ
پوءِ (مُوسىٰ) ڊڄندو بچندو اُن (شھر) مان نڪتو، چيائين تہ، اي منھنجا پالڻھار! ظالمن جي قوم کان مونکي بچاءِ
وَلَمَّا تَوَجَّهَ تِلْقَاءَ مَدْيَنَ قَالَ عَسَىٰ رَبِّي أَنْ يَهْدِيَنِي سَوَاءَ السَّبِيلِ
۽ جنھن مھل مدين (شھر) جي طرف منھن ڪيائين (تنھن مھل) چيائين تہ، اُميد اٿم تہ منھنجو پالڻھار مون کي سڌي واٽ ڏيکاريندو
وَلَمَّا وَرَدَ مَاءَ مَدْيَنَ وَجَدَ عَلَيْهِ أُمَّةً مِنَ النَّاسِ يَسْقُونَ وَوَجَدَ مِنْ دُونِهِمُ امْرَأَتَيْنِ تَذُودَانِ ۖ قَالَ مَا خَطْبُكُمَا ۖ قَالَتَا لَا نَسْقِي حَتَّىٰ يُصْدِرَ الرِّعَاءُ ۖ وَأَبُونَا شَيْخٌ كَبِيرٌ
۽ جنھن مھل مدين جي تڙ تي پھتو (تنھن مھل) اُن تي ماڻھن جي ھڪ ٽولي (جانورن کي) پاڻي پياريندي ڏٺائين ۽ اُنھن کانسواءِ ٻہ عورتون (بہ پنھنجو ڌڻ پاڻي پيڻ کان) جھلينديون ڏٺائين، (مُوسىٰ) چيو تہ اوھان جو ڇا معاملو آھي؟ چيائون تہ (اسين) ايسين (پنھنجي ڌڻ کي پاڻي) نہ پيارينديون سين جيسين ڌنار (پنھنجا جانور پياري نہ) موٽائين، ۽ اسان جو پيءُ وڏو ٻڍڙو آھي
فَسَقَىٰ لَهُمَا ثُمَّ تَوَلَّىٰ إِلَى الظِّلِّ فَقَالَ رَبِّ إِنِّي لِمَا أَنْزَلْتَ إِلَيَّ مِنْ خَيْرٍ فَقِيرٌ
پوءِ اُنھن (جي ڌڻ) کي پاڻي پياريائين، وري (ويھڻ لاءِ) ڇانوَ ڏانھن ڦريو، پوءِ چيائين تہ، اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ جيڪي مون ڏانھن چڱائيءَ مان موڪلين تنھن لاءِ آءٌ مُحتاج آھيان
فَجَاءَتْهُ إِحْدَاهُمَا تَمْشِي عَلَى اسْتِحْيَاءٍ قَالَتْ إِنَّ أَبِي يَدْعُوكَ لِيَجْزِيَكَ أَجْرَ مَا سَقَيْتَ لَنَا ۚ فَلَمَّا جَاءَهُ وَقَصَّ عَلَيْهِ الْقَصَصَ قَالَ لَا تَخَفْ ۖ نَجَوْتَ مِنَ الْقَوْمِ الظَّالِمِينَ
پوءِ منجھانئن ھڪڙي لڄ سان گھمندي وٽس آئي، چيائين تہ منھنجو پيءُ تو کي ھن لاءِ سڏي ٿو تہ جيڪو اسان (جي ڌڻ) کي پاڻي پياريئي تنھن جي مزوري تو کي ڏئي، پوءِ جنھن مھل وٽس آيو ۽ سارو قصّو وٽس بيان ڪيائين، (تنھن مھل شعيب) چيو تہ، ڊڄ نہ، (ھاڻي) ظالم قوم کان بچي نڪتين

Choose other languages: