Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #28 Translated in Sindhi

فَسَقَىٰ لَهُمَا ثُمَّ تَوَلَّىٰ إِلَى الظِّلِّ فَقَالَ رَبِّ إِنِّي لِمَا أَنْزَلْتَ إِلَيَّ مِنْ خَيْرٍ فَقِيرٌ
پوءِ اُنھن (جي ڌڻ) کي پاڻي پياريائين، وري (ويھڻ لاءِ) ڇانوَ ڏانھن ڦريو، پوءِ چيائين تہ، اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ جيڪي مون ڏانھن چڱائيءَ مان موڪلين تنھن لاءِ آءٌ مُحتاج آھيان
فَجَاءَتْهُ إِحْدَاهُمَا تَمْشِي عَلَى اسْتِحْيَاءٍ قَالَتْ إِنَّ أَبِي يَدْعُوكَ لِيَجْزِيَكَ أَجْرَ مَا سَقَيْتَ لَنَا ۚ فَلَمَّا جَاءَهُ وَقَصَّ عَلَيْهِ الْقَصَصَ قَالَ لَا تَخَفْ ۖ نَجَوْتَ مِنَ الْقَوْمِ الظَّالِمِينَ
پوءِ منجھانئن ھڪڙي لڄ سان گھمندي وٽس آئي، چيائين تہ منھنجو پيءُ تو کي ھن لاءِ سڏي ٿو تہ جيڪو اسان (جي ڌڻ) کي پاڻي پياريئي تنھن جي مزوري تو کي ڏئي، پوءِ جنھن مھل وٽس آيو ۽ سارو قصّو وٽس بيان ڪيائين، (تنھن مھل شعيب) چيو تہ، ڊڄ نہ، (ھاڻي) ظالم قوم کان بچي نڪتين
قَالَتْ إِحْدَاهُمَا يَا أَبَتِ اسْتَأْجِرْهُ ۖ إِنَّ خَيْرَ مَنِ اسْتَأْجَرْتَ الْقَوِيُّ الْأَمِينُ
منجھانئن ھڪ چيو تہ، اَبا ھن کي مزور ڪري رک، ڇو تہ ڀلو (نوڪر) جنھن کي مزور ڪري رکين اُھو آھي جو سگھارو اعتبار جوڳو ھجي
قَالَ إِنِّي أُرِيدُ أَنْ أُنْكِحَكَ إِحْدَى ابْنَتَيَّ هَاتَيْنِ عَلَىٰ أَنْ تَأْجُرَنِي ثَمَانِيَ حِجَجٍ ۖ فَإِنْ أَتْمَمْتَ عَشْرًا فَمِنْ عِنْدِكَ ۖ وَمَا أُرِيدُ أَنْ أَشُقَّ عَلَيْكَ ۚ سَتَجِدُنِي إِنْ شَاءَ اللَّهُ مِنَ الصَّالِحِينَ
(شعيب) چيو تہ، منھنجو ارادو آھي تہ ھنن پنھنجن ٻن ڌيئرن مان ھڪ ھن شرط تي تو کي پرڻايان تہ اَٺ سال منھنجي مزوري ڪرين، ۽ جيڪڏھن ڏھ (ورھيہ) پورا ڪندين تہ اُھو تنھنجي طرفان (احسان) آھي ۽ آءٌ تو تي (ڪا) سختي ڪرڻ نہ ٿو گھران، جيڪڏھن الله گھريو تہ مون کي خيرخواھن مان ڏسندين
قَالَ ذَٰلِكَ بَيْنِي وَبَيْنَكَ ۖ أَيَّمَا الْأَجَلَيْنِ قَضَيْتُ فَلَا عُدْوَانَ عَلَيَّ ۖ وَاللَّهُ عَلَىٰ مَا نَقُولُ وَكِيلٌ
(مُوسىٰ) چيو تہ، منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ اھو (انجام) آھي، اِنھن ٻنھي مدتن مان جيڪا بہ پوري ڪريان تہ مون تي ڪو زور بار نہ ھوندو ۽ جيڪي چئون ٿا تنھن تي الله شاھد (ڪافي) آھي

Choose other languages: