Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #30 Translated in Sindhi

قَالَتْ إِحْدَاهُمَا يَا أَبَتِ اسْتَأْجِرْهُ ۖ إِنَّ خَيْرَ مَنِ اسْتَأْجَرْتَ الْقَوِيُّ الْأَمِينُ
منجھانئن ھڪ چيو تہ، اَبا ھن کي مزور ڪري رک، ڇو تہ ڀلو (نوڪر) جنھن کي مزور ڪري رکين اُھو آھي جو سگھارو اعتبار جوڳو ھجي
قَالَ إِنِّي أُرِيدُ أَنْ أُنْكِحَكَ إِحْدَى ابْنَتَيَّ هَاتَيْنِ عَلَىٰ أَنْ تَأْجُرَنِي ثَمَانِيَ حِجَجٍ ۖ فَإِنْ أَتْمَمْتَ عَشْرًا فَمِنْ عِنْدِكَ ۖ وَمَا أُرِيدُ أَنْ أَشُقَّ عَلَيْكَ ۚ سَتَجِدُنِي إِنْ شَاءَ اللَّهُ مِنَ الصَّالِحِينَ
(شعيب) چيو تہ، منھنجو ارادو آھي تہ ھنن پنھنجن ٻن ڌيئرن مان ھڪ ھن شرط تي تو کي پرڻايان تہ اَٺ سال منھنجي مزوري ڪرين، ۽ جيڪڏھن ڏھ (ورھيہ) پورا ڪندين تہ اُھو تنھنجي طرفان (احسان) آھي ۽ آءٌ تو تي (ڪا) سختي ڪرڻ نہ ٿو گھران، جيڪڏھن الله گھريو تہ مون کي خيرخواھن مان ڏسندين
قَالَ ذَٰلِكَ بَيْنِي وَبَيْنَكَ ۖ أَيَّمَا الْأَجَلَيْنِ قَضَيْتُ فَلَا عُدْوَانَ عَلَيَّ ۖ وَاللَّهُ عَلَىٰ مَا نَقُولُ وَكِيلٌ
(مُوسىٰ) چيو تہ، منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ اھو (انجام) آھي، اِنھن ٻنھي مدتن مان جيڪا بہ پوري ڪريان تہ مون تي ڪو زور بار نہ ھوندو ۽ جيڪي چئون ٿا تنھن تي الله شاھد (ڪافي) آھي
فَلَمَّا قَضَىٰ مُوسَى الْأَجَلَ وَسَارَ بِأَهْلِهِ آنَسَ مِنْ جَانِبِ الطُّورِ نَارًا قَالَ لِأَهْلِهِ امْكُثُوا إِنِّي آنَسْتُ نَارًا لَعَلِّي آتِيكُمْ مِنْهَا بِخَبَرٍ أَوْ جَذْوَةٍ مِنَ النَّارِ لَعَلَّكُمْ تَصْطَلُونَ
پوءِ جنھن مھل موسىٰ (اھا) مُدّت پوري ڪئي ۽ پنھنجي گھروارن کي وٺي ھليو، (تنھن مھل وچ رستي ۾ ڪوھ) طور جي پاسي ڏانھن باھ ڏٺائين، پنھنجي گھر وارن کي چيائين تہ، ترسو بيشڪ مون باھ ڏٺي آھي، اُميد اٿم تہ اُتان ڪا خبر يا ڪو باھ جو ٽانڊو اوھان وٽ آڻيندس تہ منَ اوھين پاڻ سيڪيو
فَلَمَّا أَتَاهَا نُودِيَ مِنْ شَاطِئِ الْوَادِ الْأَيْمَنِ فِي الْبُقْعَةِ الْمُبَارَكَةِ مِنَ الشَّجَرَةِ أَنْ يَا مُوسَىٰ إِنِّي أَنَا اللَّهُ رَبُّ الْعَالَمِينَ
پوءِ جڏھن اُنھيءَ (باھ) وٽ آيو (تڏھن) ميدان جي سڄي ڀر کان مُبارڪ جاءِ ۽ وڻ مان سڏيو ويو تہ، اي موسىٰ! بيشڪ آءٌ جھانن جو پالڻھار الله آھيان

Choose other languages: