Download Mobile App:

Surah Al-Qasas Ayah #23 Translated in Sindhi

وَلَمَّا وَرَدَ مَاءَ مَدْيَنَ وَجَدَ عَلَيْهِ أُمَّةً مِنَ النَّاسِ يَسْقُونَ وَوَجَدَ مِنْ دُونِهِمُ امْرَأَتَيْنِ تَذُودَانِ ۖ قَالَ مَا خَطْبُكُمَا ۖ قَالَتَا لَا نَسْقِي حَتَّىٰ يُصْدِرَ الرِّعَاءُ ۖ وَأَبُونَا شَيْخٌ كَبِيرٌ
۽ جنھن مھل مدين جي تڙ تي پھتو (تنھن مھل) اُن تي ماڻھن جي ھڪ ٽولي (جانورن کي) پاڻي پياريندي ڏٺائين ۽ اُنھن کانسواءِ ٻہ عورتون (بہ پنھنجو ڌڻ پاڻي پيڻ کان) جھلينديون ڏٺائين، (مُوسىٰ) چيو تہ اوھان جو ڇا معاملو آھي؟ چيائون تہ (اسين) ايسين (پنھنجي ڌڻ کي پاڻي) نہ پيارينديون سين جيسين ڌنار (پنھنجا جانور پياري نہ) موٽائين، ۽ اسان جو پيءُ وڏو ٻڍڙو آھي