Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #94 Translated in Sindhi

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا إِنَّمَا الْخَمْرُ وَالْمَيْسِرُ وَالْأَنْصَابُ وَالْأَزْلَامُ رِجْسٌ مِنْ عَمَلِ الشَّيْطَانِ فَاجْتَنِبُوهُ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ
اي ايمان وارؤ! شراب ۽ جوا ۽ پوڄا آستانا ۽ ڍارا پليتُ شيطاني ڪمن مان آھن تنھن ڪري اوھين کانئن پرھيز ڪريو تہ منَ ڇٽو
إِنَّمَا يُرِيدُ الشَّيْطَانُ أَنْ يُوقِعَ بَيْنَكُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاءَ فِي الْخَمْرِ وَالْمَيْسِرِ وَيَصُدَّكُمْ عَنْ ذِكْرِ اللَّهِ وَعَنِ الصَّلَاةِ ۖ فَهَلْ أَنْتُمْ مُنْتَهُونَ
شيطان جو ارادو شراب (پيارڻ) ۽ جوا (کيڏائڻ) ۾ ھن کانسواءِ نہ آھي تہ اوھان جي وچ ۾ دشمني ۽ ڪاوڙ وجھي ۽ الله جي ياد ڪرڻ کان ۽ نماز کان اوھان کي جھلي، پوءِ (ھاڻي بہ) اوھين (نہ) جھلبؤ ڇا؟
وَأَطِيعُوا اللَّهَ وَأَطِيعُوا الرَّسُولَ وَاحْذَرُوا ۚ فَإِنْ تَوَلَّيْتُمْ فَاعْلَمُوا أَنَّمَا عَلَىٰ رَسُولِنَا الْبَلَاغُ الْمُبِينُ
۽ الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ ڊڄو پوءِ جيڪڏھن اوھين ڦرندؤ تہ پڪ ڄاڻو تہ اسان جي پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پھچائڻ آھي
لَيْسَ عَلَى الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ جُنَاحٌ فِيمَا طَعِمُوا إِذَا مَا اتَّقَوْا وَآمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ ثُمَّ اتَّقَوْا وَآمَنُوا ثُمَّ اتَّقَوْا وَأَحْسَنُوا ۗ وَاللَّهُ يُحِبُّ الْمُحْسِنِينَ
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن تي جيڪي (اڳ) کاڌائون تنھن ۾ گناھ نہ آھي جڏھن پرھيزگاري ڪيائون ۽ ايمان آندائون ۽ چڱا ڪم ڪيائون وري پرھيزگاري ڪيائون ۽ ايمان آندائون وري پرھيزگاري ڪيائون ۽ چڱائي ڪيائون، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَيَبْلُوَنَّكُمُ اللَّهُ بِشَيْءٍ مِنَ الصَّيْدِ تَنَالُهُ أَيْدِيكُمْ وَرِمَاحُكُمْ لِيَعْلَمَ اللَّهُ مَنْ يَخَافُهُ بِالْغَيْبِ ۚ فَمَنِ اعْتَدَىٰ بَعْدَ ذَٰلِكَ فَلَهُ عَذَابٌ أَلِيمٌ
اي ايمان وارؤ! الله ڪنھن شڪار (جي حڪم) سان جنھن کي اوھان جا ھٿ يا اوھان جا تير پھچن اوھان کي ھن لاءِ ضرور پرکيندو تہ الله نکيڙي تہ ڪير کانئس پرپُٺ ڊڄندو آھي، پوءِ جيڪو ھن کانپوءِ حد کان لنگھندو تنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي

Choose other languages: