Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #18 Translated in Sindhi

وَمِنَ الَّذِينَ قَالُوا إِنَّا نَصَارَىٰ أَخَذْنَا مِيثَاقَهُمْ فَنَسُوا حَظًّا مِمَّا ذُكِّرُوا بِهِ فَأَغْرَيْنَا بَيْنَهُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاءَ إِلَىٰ يَوْمِ الْقِيَامَةِ ۚ وَسَوْفَ يُنَبِّئُهُمُ اللَّهُ بِمَا كَانُوا يَصْنَعُونَ
۽ جيڪي چون ٿا تہ اسين نصارىٰ آھيون تن کان (بہ) سندن انجام ورتوسون پوءِ جيڪا نصيحت ڪئي ويئي ھين تنھن مان (ڪجھ) ڀاڱو وساريائون، اِنھيءَ ڪري سندن وچ ۾ دشمني ۽ ساڙ قيامت جي ڏينھن تائين وڌي سون ۽، جيڪي ڪندا آھن تنھن جي الله کين سگھو سُڌ ڏيندو
يَا أَهْلَ الْكِتَابِ قَدْ جَاءَكُمْ رَسُولُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ كَثِيرًا مِمَّا كُنْتُمْ تُخْفُونَ مِنَ الْكِتَابِ وَيَعْفُو عَنْ كَثِيرٍ ۚ قَدْ جَاءَكُمْ مِنَ اللَّهِ نُورٌ وَكِتَابٌ مُبِينٌ
اي ڪتاب وارؤ! بيشڪ اسان جو پيغمبر (محمد ﷺ) اوھان وٽ آيو اوھين (الله جي) ڪتاب مان جيڪي لڪائيندا ھيؤ تن مان گھڻيون (ڳالھيون) اوھان کي بيان ڪري ٿو ۽ گھڻين (ڳالھين) کان ٽارو ڪري ٿو، بيشڪ اوھان وٽ الله وٽان نُور ۽ پڌرو ڪتاب (قرآن) آيو آھي
يَهْدِي بِهِ اللَّهُ مَنِ اتَّبَعَ رِضْوَانَهُ سُبُلَ السَّلَامِ وَيُخْرِجُهُمْ مِنَ الظُّلُمَاتِ إِلَى النُّورِ بِإِذْنِهِ وَيَهْدِيهِمْ إِلَىٰ صِرَاطٍ مُسْتَقِيمٍ
اُنھيءَ جي سببان الله اُنھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي جيڪي سلامتي جي واٽن ڏانھن سندس راضپو ڳولين ۽ کين اونداھين مان سوجھري ڏانھن پنھنجي حڪم سان ٻاھر ڪڍي ٿو ۽ کين سڌيءَ واٽ ڏانھن رستو ڏيکاري ٿو
لَقَدْ كَفَرَ الَّذِينَ قَالُوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ الْمَسِيحُ ابْنُ مَرْيَمَ ۚ قُلْ فَمَنْ يَمْلِكُ مِنَ اللَّهِ شَيْئًا إِنْ أَرَادَ أَنْ يُهْلِكَ الْمَسِيحَ ابْنَ مَرْيَمَ وَأُمَّهُ وَمَنْ فِي الْأَرْضِ جَمِيعًا ۗ وَلِلَّهِ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۚ يَخْلُقُ مَا يَشَاءُ ۚ وَاللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
جن چيو تہ پڪ الله پاڻ مسيح پٽ مريم جو آھي سي بيشڪ ڪافر ٿيا، (اي پيغمبر!) چئو تہ جيڪڏھن الله عيسىٰ پُٽ مريم جي کي ۽ سندس ماءُ کي ۽ جيڪي سڀئي زمين ۾ آھن تن کي ناس ڪرڻ گھري تہ ڪير الله کان انھن کي بچائي سگھندو؟ ۽ آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي تنھن جي بادشاھي الله جي آھي، جيڪي گھري ٿو سو پيدا ڪري ٿو، ۽ الله سڀ ڪنھن شئي تي وس وارو آھي
وَقَالَتِ الْيَهُودُ وَالنَّصَارَىٰ نَحْنُ أَبْنَاءُ اللَّهِ وَأَحِبَّاؤُهُ ۚ قُلْ فَلِمَ يُعَذِّبُكُمْ بِذُنُوبِكُمْ ۖ بَلْ أَنْتُمْ بَشَرٌ مِمَّنْ خَلَقَ ۚ يَغْفِرُ لِمَنْ يَشَاءُ وَيُعَذِّبُ مَنْ يَشَاءُ ۚ وَلِلَّهِ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۖ وَإِلَيْهِ الْمَصِيرُ
يھودي ۽ نصارىٰ چوندا آھن تہ اسين الله جا پُٽ ۽ سندس پيارا آھيون، (اي پيغمبر کين) چئو تہ پوءِ توھانجي گناھن سببان ڇو عذاب ڪندا اٿوَ؟ بلڪ اوھين بہ اُنھيءَ جنس مان ماڻھو آھيو جيڪي خلقيائين، جنھن کي وڻيس (تنھن کي) بخشي ۽ جنھن وڻيس (تنھن کي) عذاب ڪري، ۽ آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھن جي بادشاھي الله جي آھي، ۽ ڏانھس موٽڻ آھي

Choose other languages: