Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #16 Translated in Sindhi

قَالَ مَا مَنَعَكَ أَلَّا تَسْجُدَ إِذْ أَمَرْتُكَ ۖ قَالَ أَنَا خَيْرٌ مِنْهُ خَلَقْتَنِي مِنْ نَارٍ وَخَلَقْتَهُ مِنْ طِينٍ
(الله) چيو تہ تو کي سجدي ڪرڻ کان ڪھڙي (ڳالھ) جھليو؟ جڏھن تہ تو کي حُڪم (بہ) ڪيم، چيائين تہ آءٌ کانئس ڀلو آھيان، مون کي باھ مان پيدا ڪيو اٿئي ۽ ان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو اٿئي
قَالَ فَاهْبِطْ مِنْهَا فَمَا يَكُونُ لَكَ أَنْ تَتَكَبَّرَ فِيهَا فَاخْرُجْ إِنَّكَ مِنَ الصَّاغِرِينَ
(الله) چيو تہ اُن (آسمان) مان ھيٺ لھي وڃ تو کي منجھس وڏائي ڪرڻ نہ جڳائيندي آھي تنھنڪري (تون) نِڪر ڇو تہ تون خوار ٿيلن مان آھين
قَالَ أَنْظِرْنِي إِلَىٰ يَوْمِ يُبْعَثُونَ
چيائين قيامت جي ڏينھن تائين مون کي مُھلت ڏي
قَالَ إِنَّكَ مِنَ الْمُنْظَرِينَ
(الله) فرمايو تہ يقيناً تون مُھلت ڏنلن مان آھين
قَالَ فَبِمَا أَغْوَيْتَنِي لَأَقْعُدَنَّ لَهُمْ صِرَاطَكَ الْمُسْتَقِيمَ
چيائين تہ اِنھيءَ سببان جو تو مونکي گمراھ ڪيو (آءٌ تہ) ماڻھن لاءِ تنھنجي سڌيءَ واٽ تي ضرور وھندس

Choose other languages: