Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #15 Translated in Sindhi

وَلَقَدْ خَلَقْنَاكُمْ ثُمَّ صَوَّرْنَاكُمْ ثُمَّ قُلْنَا لِلْمَلَائِكَةِ اسْجُدُوا لِآدَمَ فَسَجَدُوا إِلَّا إِبْلِيسَ لَمْ يَكُنْ مِنَ السَّاجِدِينَ
۽ بيشڪ اوھان کي پيدا ڪيوسون وري اوھان جي شڪل بڻائي سون وري ملائڪن کي چيوسون تہ آدم کي سجدو ڪريو، پوءِ شيطان کانسواءِ (ٻـين) سجدو ڪيو (شيطان) سجدي ڪندڙن مان نہ ٿيو
قَالَ مَا مَنَعَكَ أَلَّا تَسْجُدَ إِذْ أَمَرْتُكَ ۖ قَالَ أَنَا خَيْرٌ مِنْهُ خَلَقْتَنِي مِنْ نَارٍ وَخَلَقْتَهُ مِنْ طِينٍ
(الله) چيو تہ تو کي سجدي ڪرڻ کان ڪھڙي (ڳالھ) جھليو؟ جڏھن تہ تو کي حُڪم (بہ) ڪيم، چيائين تہ آءٌ کانئس ڀلو آھيان، مون کي باھ مان پيدا ڪيو اٿئي ۽ ان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو اٿئي
قَالَ فَاهْبِطْ مِنْهَا فَمَا يَكُونُ لَكَ أَنْ تَتَكَبَّرَ فِيهَا فَاخْرُجْ إِنَّكَ مِنَ الصَّاغِرِينَ
(الله) چيو تہ اُن (آسمان) مان ھيٺ لھي وڃ تو کي منجھس وڏائي ڪرڻ نہ جڳائيندي آھي تنھنڪري (تون) نِڪر ڇو تہ تون خوار ٿيلن مان آھين
قَالَ أَنْظِرْنِي إِلَىٰ يَوْمِ يُبْعَثُونَ
چيائين قيامت جي ڏينھن تائين مون کي مُھلت ڏي
قَالَ إِنَّكَ مِنَ الْمُنْظَرِينَ
(الله) فرمايو تہ يقيناً تون مُھلت ڏنلن مان آھين

Choose other languages: