Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #17 Translated in Sindhi

قَالَ فَاهْبِطْ مِنْهَا فَمَا يَكُونُ لَكَ أَنْ تَتَكَبَّرَ فِيهَا فَاخْرُجْ إِنَّكَ مِنَ الصَّاغِرِينَ
(الله) چيو تہ اُن (آسمان) مان ھيٺ لھي وڃ تو کي منجھس وڏائي ڪرڻ نہ جڳائيندي آھي تنھنڪري (تون) نِڪر ڇو تہ تون خوار ٿيلن مان آھين
قَالَ أَنْظِرْنِي إِلَىٰ يَوْمِ يُبْعَثُونَ
چيائين قيامت جي ڏينھن تائين مون کي مُھلت ڏي
قَالَ إِنَّكَ مِنَ الْمُنْظَرِينَ
(الله) فرمايو تہ يقيناً تون مُھلت ڏنلن مان آھين
قَالَ فَبِمَا أَغْوَيْتَنِي لَأَقْعُدَنَّ لَهُمْ صِرَاطَكَ الْمُسْتَقِيمَ
چيائين تہ اِنھيءَ سببان جو تو مونکي گمراھ ڪيو (آءٌ تہ) ماڻھن لاءِ تنھنجي سڌيءَ واٽ تي ضرور وھندس
ثُمَّ لَآتِيَنَّهُمْ مِنْ بَيْنِ أَيْدِيهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ وَعَنْ أَيْمَانِهِمْ وَعَنْ شَمَائِلِهِمْ ۖ وَلَا تَجِدُ أَكْثَرَهُمْ شَاكِرِينَ
پوءِ سندن اڳيان ۽ سندن پوئتان ۽ سندن سڄي پاسي کان ۽ سندن کٻي پاسي کان وٽن ايندس، ۽ منجھائن گھڻا شڪر ڪندڙ نہ لھندين

Choose other languages: