Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #19 Translated in Sindhi

قَالَ إِنَّكَ مِنَ الْمُنْظَرِينَ
(الله) فرمايو تہ يقيناً تون مُھلت ڏنلن مان آھين
قَالَ فَبِمَا أَغْوَيْتَنِي لَأَقْعُدَنَّ لَهُمْ صِرَاطَكَ الْمُسْتَقِيمَ
چيائين تہ اِنھيءَ سببان جو تو مونکي گمراھ ڪيو (آءٌ تہ) ماڻھن لاءِ تنھنجي سڌيءَ واٽ تي ضرور وھندس
ثُمَّ لَآتِيَنَّهُمْ مِنْ بَيْنِ أَيْدِيهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ وَعَنْ أَيْمَانِهِمْ وَعَنْ شَمَائِلِهِمْ ۖ وَلَا تَجِدُ أَكْثَرَهُمْ شَاكِرِينَ
پوءِ سندن اڳيان ۽ سندن پوئتان ۽ سندن سڄي پاسي کان ۽ سندن کٻي پاسي کان وٽن ايندس، ۽ منجھائن گھڻا شڪر ڪندڙ نہ لھندين
قَالَ اخْرُجْ مِنْهَا مَذْءُومًا مَدْحُورًا ۖ لَمَنْ تَبِعَكَ مِنْهُمْ لَأَمْلَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنْكُمْ أَجْمَعِينَ
(الله) فرمايو تہ تون آسمانن مان خوار (۽) تڙيل ٿي نڪري وڃ، اُنھن مان جيڪو تنھنجي تابعداري ڪندو (تنھنکي ۽ تو کي دوزخ ۾ وجھي) اوھان مڙني مان دوزخ ضرور ڀريندس
وَيَا آدَمُ اسْكُنْ أَنْتَ وَزَوْجُكَ الْجَنَّةَ فَكُلَا مِنْ حَيْثُ شِئْتُمَا وَلَا تَقْرَبَا هَٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكُونَا مِنَ الظَّالِمِينَ
۽ (چيوسون تہ) اي آدم! تون ۽ تنھنجي زال بھشت ۾ وڃي رھو ۽ (جيڪي وڻيوَ سو) جتان وڻيوَ تِتان کائو ۽ ھِن وڻ کي ويجھا نہ وڃجو نہ تہ ظالمن مان ٿيندؤ

Choose other languages: