Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #119 Translated in Sindhi

وَلَقَدْ عَهِدْنَا إِلَىٰ آدَمَ مِنْ قَبْلُ فَنَسِيَ وَلَمْ نَجِدْ لَهُ عَزْمًا
۽ بيشڪ آدم کي اڳ حُڪم ڪيو ھيوسون پوءِ وساريائين ۽ سندس ڪا پڪي نيت نہ لڌي سون
وَإِذْ قُلْنَا لِلْمَلَائِكَةِ اسْجُدُوا لِآدَمَ فَسَجَدُوا إِلَّا إِبْلِيسَ أَبَىٰ
۽ (ياد ڪر) جڏھن ملائڪن کي چيوسون تہ آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کانسواءِ سڀني سجدو ڪيو، اُن انڪار ڪيو
فَقُلْنَا يَا آدَمُ إِنَّ هَٰذَا عَدُوٌّ لَكَ وَلِزَوْجِكَ فَلَا يُخْرِجَنَّكُمَا مِنَ الْجَنَّةِ فَتَشْقَىٰ
پوءِ چيوسون تہ اي آدم! ھيءُ تنھنجو ۽ تنھنجي زال جو ويري آھي متان اوھان کي بھشت مان ڪڍي تہ ڏکيا ٿيو
إِنَّ لَكَ أَلَّا تَجُوعَ فِيهَا وَلَا تَعْرَىٰ
بيشڪ تولاءِ (ھي آھي تہ) منجھس نڪي بُک لڳندئي نڪي اُگھاڙو ٿيندين
وَأَنَّكَ لَا تَظْمَأُ فِيهَا وَلَا تَضْحَىٰ
۽ پڪ تون منجھس نڪي اُڃو ٿيندين ۽ نڪي اُس لڳندئي

Choose other languages: