Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #122 Translated in Sindhi

إِنَّ لَكَ أَلَّا تَجُوعَ فِيهَا وَلَا تَعْرَىٰ
بيشڪ تولاءِ (ھي آھي تہ) منجھس نڪي بُک لڳندئي نڪي اُگھاڙو ٿيندين
وَأَنَّكَ لَا تَظْمَأُ فِيهَا وَلَا تَضْحَىٰ
۽ پڪ تون منجھس نڪي اُڃو ٿيندين ۽ نڪي اُس لڳندئي
فَوَسْوَسَ إِلَيْهِ الشَّيْطَانُ قَالَ يَا آدَمُ هَلْ أَدُلُّكَ عَلَىٰ شَجَرَةِ الْخُلْدِ وَمُلْكٍ لَا يَبْلَىٰ
پوءِ کيس شيطان وسوسو ڏنو چيائين تہ اي آدم! سدائين رھڻ جي وڻ جو ۽ سدائين رھڻ واري بادشاھيءَ جو تو کي ڏس ڏيان؟
فَأَكَلَا مِنْهَا فَبَدَتْ لَهُمَا سَوْآتُهُمَا وَطَفِقَا يَخْصِفَانِ عَلَيْهِمَا مِنْ وَرَقِ الْجَنَّةِ ۚ وَعَصَىٰ آدَمُ رَبَّهُ فَغَوَىٰ
پوءِ منجھانئس ٻنھين کاڌو تنھنڪري اُنھن کي سندين اوگھڙ ظاھر ٿي ۽ بھشت (جي وڻ) جا پن پاڻ تي ويڙھڻ لڳا، ۽ آدم پنھنجي پالڻھار کان نافرماني ڪئي تنھن ڪري ڀٽڪي ويو
ثُمَّ اجْتَبَاهُ رَبُّهُ فَتَابَ عَلَيْهِ وَهَدَىٰ
وري سندس پالڻھار کيس چونڊيو پوءِ مٿس ٻاجھ سان موٽيو ۽ (کيس) سڌي رستي لاتائين

Choose other languages: