Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #123 Translated in Sindhi

وَأَنَّكَ لَا تَظْمَأُ فِيهَا وَلَا تَضْحَىٰ
۽ پڪ تون منجھس نڪي اُڃو ٿيندين ۽ نڪي اُس لڳندئي
فَوَسْوَسَ إِلَيْهِ الشَّيْطَانُ قَالَ يَا آدَمُ هَلْ أَدُلُّكَ عَلَىٰ شَجَرَةِ الْخُلْدِ وَمُلْكٍ لَا يَبْلَىٰ
پوءِ کيس شيطان وسوسو ڏنو چيائين تہ اي آدم! سدائين رھڻ جي وڻ جو ۽ سدائين رھڻ واري بادشاھيءَ جو تو کي ڏس ڏيان؟
فَأَكَلَا مِنْهَا فَبَدَتْ لَهُمَا سَوْآتُهُمَا وَطَفِقَا يَخْصِفَانِ عَلَيْهِمَا مِنْ وَرَقِ الْجَنَّةِ ۚ وَعَصَىٰ آدَمُ رَبَّهُ فَغَوَىٰ
پوءِ منجھانئس ٻنھين کاڌو تنھنڪري اُنھن کي سندين اوگھڙ ظاھر ٿي ۽ بھشت (جي وڻ) جا پن پاڻ تي ويڙھڻ لڳا، ۽ آدم پنھنجي پالڻھار کان نافرماني ڪئي تنھن ڪري ڀٽڪي ويو
ثُمَّ اجْتَبَاهُ رَبُّهُ فَتَابَ عَلَيْهِ وَهَدَىٰ
وري سندس پالڻھار کيس چونڊيو پوءِ مٿس ٻاجھ سان موٽيو ۽ (کيس) سڌي رستي لاتائين
قَالَ اهْبِطَا مِنْهَا جَمِيعًا ۖ بَعْضُكُمْ لِبَعْضٍ عَدُوٌّ ۖ فَإِمَّا يَأْتِيَنَّكُمْ مِنِّي هُدًى فَمَنِ اتَّبَعَ هُدَايَ فَلَا يَضِلُّ وَلَا يَشْقَىٰ
چيائين تہ منجھانئس ٻئي گڏ لھي وڃو اوھان مان ڪي ڪن جا ويري ٿيندا، پوءِ جڏھن اوھان وٽ منھنجي ھدايت اچي، تڏھن جنھن منھنجي تابعداري ڪئي سو گمراھ نہ ٿيندو ۽ نڪي بدبخت ٿيندو

Choose other languages: