Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #120 Translated in Sindhi

وَإِذْ قُلْنَا لِلْمَلَائِكَةِ اسْجُدُوا لِآدَمَ فَسَجَدُوا إِلَّا إِبْلِيسَ أَبَىٰ
۽ (ياد ڪر) جڏھن ملائڪن کي چيوسون تہ آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کانسواءِ سڀني سجدو ڪيو، اُن انڪار ڪيو
فَقُلْنَا يَا آدَمُ إِنَّ هَٰذَا عَدُوٌّ لَكَ وَلِزَوْجِكَ فَلَا يُخْرِجَنَّكُمَا مِنَ الْجَنَّةِ فَتَشْقَىٰ
پوءِ چيوسون تہ اي آدم! ھيءُ تنھنجو ۽ تنھنجي زال جو ويري آھي متان اوھان کي بھشت مان ڪڍي تہ ڏکيا ٿيو
إِنَّ لَكَ أَلَّا تَجُوعَ فِيهَا وَلَا تَعْرَىٰ
بيشڪ تولاءِ (ھي آھي تہ) منجھس نڪي بُک لڳندئي نڪي اُگھاڙو ٿيندين
وَأَنَّكَ لَا تَظْمَأُ فِيهَا وَلَا تَضْحَىٰ
۽ پڪ تون منجھس نڪي اُڃو ٿيندين ۽ نڪي اُس لڳندئي
فَوَسْوَسَ إِلَيْهِ الشَّيْطَانُ قَالَ يَا آدَمُ هَلْ أَدُلُّكَ عَلَىٰ شَجَرَةِ الْخُلْدِ وَمُلْكٍ لَا يَبْلَىٰ
پوءِ کيس شيطان وسوسو ڏنو چيائين تہ اي آدم! سدائين رھڻ جي وڻ جو ۽ سدائين رھڻ واري بادشاھيءَ جو تو کي ڏس ڏيان؟

Choose other languages: