Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #118 Translated in Sindhi

فَتَعَالَى اللَّهُ الْمَلِكُ الْحَقُّ ۗ وَلَا تَعْجَلْ بِالْقُرْآنِ مِنْ قَبْلِ أَنْ يُقْضَىٰ إِلَيْكَ وَحْيُهُ ۖ وَقُلْ رَبِّ زِدْنِي عِلْمًا
پوءِ الله سچو بادشاھ مٿاھون آھي، ۽ قرآن (جي پڙھڻ) ۾ اُن کان اڳ جو، تو ڏانھن اُن جو لھڻ پورو ڪجي تڪڙ نہ ڪر ۽ چئو تہ اي منھنجا پالڻھار! منھنکي علم ۾ وڌاءِ
وَلَقَدْ عَهِدْنَا إِلَىٰ آدَمَ مِنْ قَبْلُ فَنَسِيَ وَلَمْ نَجِدْ لَهُ عَزْمًا
۽ بيشڪ آدم کي اڳ حُڪم ڪيو ھيوسون پوءِ وساريائين ۽ سندس ڪا پڪي نيت نہ لڌي سون
وَإِذْ قُلْنَا لِلْمَلَائِكَةِ اسْجُدُوا لِآدَمَ فَسَجَدُوا إِلَّا إِبْلِيسَ أَبَىٰ
۽ (ياد ڪر) جڏھن ملائڪن کي چيوسون تہ آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کانسواءِ سڀني سجدو ڪيو، اُن انڪار ڪيو
فَقُلْنَا يَا آدَمُ إِنَّ هَٰذَا عَدُوٌّ لَكَ وَلِزَوْجِكَ فَلَا يُخْرِجَنَّكُمَا مِنَ الْجَنَّةِ فَتَشْقَىٰ
پوءِ چيوسون تہ اي آدم! ھيءُ تنھنجو ۽ تنھنجي زال جو ويري آھي متان اوھان کي بھشت مان ڪڍي تہ ڏکيا ٿيو
إِنَّ لَكَ أَلَّا تَجُوعَ فِيهَا وَلَا تَعْرَىٰ
بيشڪ تولاءِ (ھي آھي تہ) منجھس نڪي بُک لڳندئي نڪي اُگھاڙو ٿيندين

Choose other languages: