Quran Apps in many lanuages:

Surah Ar-Rum Ayahs #46 Translated in Sindhi

قُلْ سِيرُوا فِي الْأَرْضِ فَانْظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِينَ مِنْ قَبْلُ ۚ كَانَ أَكْثَرُهُمْ مُشْرِكِينَ
چئو تہ مُلڪ ۾ گھُمو، پوءِ ڏسو تہ جيڪي اڳ ھئا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ منجھانئن گھڻا مشرڪ ھئا
فَأَقِمْ وَجْهَكَ لِلدِّينِ الْقَيِّمِ مِنْ قَبْلِ أَنْ يَأْتِيَ يَوْمٌ لَا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ ۖ يَوْمَئِذٍ يَصَّدَّعُونَ
پوءِ پنھنجي منھن کي اُن ڏينھن جي اچڻ کان اڳ سڌي دين لاءِ بيھار! جو الله وٽان اُن (ڏينھن) کي رد ٿيڻو نہ آھي، اُن ڏينھن (ماڻھو) الڳ الڳ ٿيندا
مَنْ كَفَرَ فَعَلَيْهِ كُفْرُهُ ۖ وَمَنْ عَمِلَ صَالِحًا فَلِأَنْفُسِهِمْ يَمْهَدُونَ
جيڪو ڪافر ٿيو تنھن تي سندس ڪفر آھي ۽ جن چڱا ڪم ڪيا سي پاڻ لاءِ ھنڌ وڇائين ٿا
لِيَجْزِيَ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ مِنْ فَضْلِهِ ۚ إِنَّهُ لَا يُحِبُّ الْكَافِرِينَ
تہ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن کي (الله) پنھنجي فضل سان بدلو ڏئي، بيشڪ اُھو ڪافرن کي دوست نہ رکندو آھي
وَمِنْ آيَاتِهِ أَنْ يُرْسِلَ الرِّيَاحَ مُبَشِّرَاتٍ وَلِيُذِيقَكُمْ مِنْ رَحْمَتِهِ وَلِتَجْرِيَ الْفُلْكُ بِأَمْرِهِ وَلِتَبْتَغُوا مِنْ فَضْلِهِ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
۽ سندس نشانين مان ھيءُ آھي تہ خوشخبري ڏيندڙ ھيرون گھُلائيندو آھي ۽ تہ اوھان کي پنھنجي ٻاجھ مان ڪجھ چکائي ۽ تہ سندس حُڪم سان ٻيڙيون تَرن ۽ تہ سندس فضل مان (روزي) طلب ڪريو ۽ تہ منَ اوھين شڪرانو ڪريو

Choose other languages: