Quran Apps in many lanuages:

Surah Ar-Rum Ayahs #45 Translated in Sindhi

ظَهَرَ الْفَسَادُ فِي الْبَرِّ وَالْبَحْرِ بِمَا كَسَبَتْ أَيْدِي النَّاسِ لِيُذِيقَهُمْ بَعْضَ الَّذِي عَمِلُوا لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ
ماڻھن جي ھٿن جي ڪئي سببان بَر ۽ بَحر ۾ فساد ھن لاءِ پڌرو ٿيو آھي تہ، جيڪي (مَدا ڪم) ڪيائون تنھن جي ڪُجھ (سزا) کين چکائي تہ منَ اُھي موٽن
قُلْ سِيرُوا فِي الْأَرْضِ فَانْظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِينَ مِنْ قَبْلُ ۚ كَانَ أَكْثَرُهُمْ مُشْرِكِينَ
چئو تہ مُلڪ ۾ گھُمو، پوءِ ڏسو تہ جيڪي اڳ ھئا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ منجھانئن گھڻا مشرڪ ھئا
فَأَقِمْ وَجْهَكَ لِلدِّينِ الْقَيِّمِ مِنْ قَبْلِ أَنْ يَأْتِيَ يَوْمٌ لَا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ ۖ يَوْمَئِذٍ يَصَّدَّعُونَ
پوءِ پنھنجي منھن کي اُن ڏينھن جي اچڻ کان اڳ سڌي دين لاءِ بيھار! جو الله وٽان اُن (ڏينھن) کي رد ٿيڻو نہ آھي، اُن ڏينھن (ماڻھو) الڳ الڳ ٿيندا
مَنْ كَفَرَ فَعَلَيْهِ كُفْرُهُ ۖ وَمَنْ عَمِلَ صَالِحًا فَلِأَنْفُسِهِمْ يَمْهَدُونَ
جيڪو ڪافر ٿيو تنھن تي سندس ڪفر آھي ۽ جن چڱا ڪم ڪيا سي پاڻ لاءِ ھنڌ وڇائين ٿا
لِيَجْزِيَ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ مِنْ فَضْلِهِ ۚ إِنَّهُ لَا يُحِبُّ الْكَافِرِينَ
تہ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن کي (الله) پنھنجي فضل سان بدلو ڏئي، بيشڪ اُھو ڪافرن کي دوست نہ رکندو آھي

Choose other languages: