Quran Apps in many lanuages:

Surah Ar-Rum Ayahs #47 Translated in Sindhi

فَأَقِمْ وَجْهَكَ لِلدِّينِ الْقَيِّمِ مِنْ قَبْلِ أَنْ يَأْتِيَ يَوْمٌ لَا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ ۖ يَوْمَئِذٍ يَصَّدَّعُونَ
پوءِ پنھنجي منھن کي اُن ڏينھن جي اچڻ کان اڳ سڌي دين لاءِ بيھار! جو الله وٽان اُن (ڏينھن) کي رد ٿيڻو نہ آھي، اُن ڏينھن (ماڻھو) الڳ الڳ ٿيندا
مَنْ كَفَرَ فَعَلَيْهِ كُفْرُهُ ۖ وَمَنْ عَمِلَ صَالِحًا فَلِأَنْفُسِهِمْ يَمْهَدُونَ
جيڪو ڪافر ٿيو تنھن تي سندس ڪفر آھي ۽ جن چڱا ڪم ڪيا سي پاڻ لاءِ ھنڌ وڇائين ٿا
لِيَجْزِيَ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ مِنْ فَضْلِهِ ۚ إِنَّهُ لَا يُحِبُّ الْكَافِرِينَ
تہ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن کي (الله) پنھنجي فضل سان بدلو ڏئي، بيشڪ اُھو ڪافرن کي دوست نہ رکندو آھي
وَمِنْ آيَاتِهِ أَنْ يُرْسِلَ الرِّيَاحَ مُبَشِّرَاتٍ وَلِيُذِيقَكُمْ مِنْ رَحْمَتِهِ وَلِتَجْرِيَ الْفُلْكُ بِأَمْرِهِ وَلِتَبْتَغُوا مِنْ فَضْلِهِ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
۽ سندس نشانين مان ھيءُ آھي تہ خوشخبري ڏيندڙ ھيرون گھُلائيندو آھي ۽ تہ اوھان کي پنھنجي ٻاجھ مان ڪجھ چکائي ۽ تہ سندس حُڪم سان ٻيڙيون تَرن ۽ تہ سندس فضل مان (روزي) طلب ڪريو ۽ تہ منَ اوھين شڪرانو ڪريو
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا مِنْ قَبْلِكَ رُسُلًا إِلَىٰ قَوْمِهِمْ فَجَاءُوهُمْ بِالْبَيِّنَاتِ فَانْتَقَمْنَا مِنَ الَّذِينَ أَجْرَمُوا ۖ وَكَانَ حَقًّا عَلَيْنَا نَصْرُ الْمُؤْمِنِينَ
۽ بيشڪ توکان اڳ گھڻن پيغمبرن کي سندن قوم ڏانھن موڪليوسون، پوءِ وٽن مُعجزن سان آيا، پوءِ جن نافرماني ڪئي، تن کان بدلو ورتوسون ۽ مؤمنن کي سوڀارو ڪرڻ اسان تي حق آھي

Choose other languages: