Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nur Ayahs #45 Translated in Sindhi

أَلَمْ تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُسَبِّحُ لَهُ مَنْ فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَالطَّيْرُ صَافَّاتٍ ۖ كُلٌّ قَدْ عَلِمَ صَلَاتَهُ وَتَسْبِيحَهُ ۗ وَاللَّهُ عَلِيمٌ بِمَا يَفْعَلُونَ
نہ ڏٺو اٿئي ڇا تہ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھن سي ۽ کليل پرن وارا پکي الله جي پاڪائي بيان ڪندا آھن؟ بيشڪ سڀئي پنھنجيءَ نماز ۽ پنھنجيءَ تسبيح (پڙھڻ جي طريقي) کان واقف آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڄاڻندڙ آھي
وَلِلَّهِ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۖ وَإِلَى اللَّهِ الْمَصِيرُ
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھت الله جي آھي، ۽ الله ڏانھن ورڻو آھي
أَلَمْ تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُزْجِي سَحَابًا ثُمَّ يُؤَلِّفُ بَيْنَهُ ثُمَّ يَجْعَلُهُ رُكَامًا فَتَرَى الْوَدْقَ يَخْرُجُ مِنْ خِلَالِهِ وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّمَاءِ مِنْ جِبَالٍ فِيهَا مِنْ بَرَدٍ فَيُصِيبُ بِهِ مَنْ يَشَاءُ وَيَصْرِفُهُ عَنْ مَنْ يَشَاءُ ۖ يَكَادُ سَنَا بَرْقِهِ يَذْهَبُ بِالْأَبْصَارِ
(اي پيغمبر!) نہ ڏٺو اٿئي ڇا تہ الله ڪڪرن کي ھلائيندو آھي، وري انھن کي پاڻ ۾ گڏيندو آھي، وري کين تھن تي تھ ڪندو آھي، پوءِ ڦڙي ڏسندو آھين تہ سندس وچيان نڪرندي آھي ۽ آسمان کان اُتي جي ڳڙن جي جبلن مان ڳڙو وسائيندو آھي پوءِ جنھن کي وڻيس، تنھن کي اُھو لڳائيندو آھي ۽ جنھن کان وڻيس تنھن کان اُھو ٽاريندو آھي، اُن (ڪڪر) جي وِڄ جو چمڪاٽ (ڄڻ تہ) اِجھو اکيون ٿو نِئي
يُقَلِّبُ اللَّهُ اللَّيْلَ وَالنَّهَارَ ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَعِبْرَةً لِأُولِي الْأَبْصَارِ
الله رات ۽ ڏينھن کي مٽائيندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ڏسڻ وارن لاءِ عبرت آھي
وَاللَّهُ خَلَقَ كُلَّ دَابَّةٍ مِنْ مَاءٍ ۖ فَمِنْهُمْ مَنْ يَمْشِي عَلَىٰ بَطْنِهِ وَمِنْهُمْ مَنْ يَمْشِي عَلَىٰ رِجْلَيْنِ وَمِنْهُمْ مَنْ يَمْشِي عَلَىٰ أَرْبَعٍ ۚ يَخْلُقُ اللَّهُ مَا يَشَاءُ ۚ إِنَّ اللَّهَ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
۽ الله سڀڪو جاندار پاڻيءَ مان بڻايو آھي، پوءِ منجھائن ڪي پنھنجي پيٽ ڀر ھلندا آھن ۽ منجھانئن ڪي ٻن پيرن تي ھلندا آھن ۽ منجھانئن ڪي چئن (پيرن) تي ھلندا آھن، الله جيڪي گھرندو آھي، سو پيدا ڪندو آھي، ڇو تہ الله سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي

Choose other languages: