Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nur Ayahs #47 Translated in Sindhi

أَلَمْ تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُزْجِي سَحَابًا ثُمَّ يُؤَلِّفُ بَيْنَهُ ثُمَّ يَجْعَلُهُ رُكَامًا فَتَرَى الْوَدْقَ يَخْرُجُ مِنْ خِلَالِهِ وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّمَاءِ مِنْ جِبَالٍ فِيهَا مِنْ بَرَدٍ فَيُصِيبُ بِهِ مَنْ يَشَاءُ وَيَصْرِفُهُ عَنْ مَنْ يَشَاءُ ۖ يَكَادُ سَنَا بَرْقِهِ يَذْهَبُ بِالْأَبْصَارِ
(اي پيغمبر!) نہ ڏٺو اٿئي ڇا تہ الله ڪڪرن کي ھلائيندو آھي، وري انھن کي پاڻ ۾ گڏيندو آھي، وري کين تھن تي تھ ڪندو آھي، پوءِ ڦڙي ڏسندو آھين تہ سندس وچيان نڪرندي آھي ۽ آسمان کان اُتي جي ڳڙن جي جبلن مان ڳڙو وسائيندو آھي پوءِ جنھن کي وڻيس، تنھن کي اُھو لڳائيندو آھي ۽ جنھن کان وڻيس تنھن کان اُھو ٽاريندو آھي، اُن (ڪڪر) جي وِڄ جو چمڪاٽ (ڄڻ تہ) اِجھو اکيون ٿو نِئي
يُقَلِّبُ اللَّهُ اللَّيْلَ وَالنَّهَارَ ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَعِبْرَةً لِأُولِي الْأَبْصَارِ
الله رات ۽ ڏينھن کي مٽائيندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ڏسڻ وارن لاءِ عبرت آھي
وَاللَّهُ خَلَقَ كُلَّ دَابَّةٍ مِنْ مَاءٍ ۖ فَمِنْهُمْ مَنْ يَمْشِي عَلَىٰ بَطْنِهِ وَمِنْهُمْ مَنْ يَمْشِي عَلَىٰ رِجْلَيْنِ وَمِنْهُمْ مَنْ يَمْشِي عَلَىٰ أَرْبَعٍ ۚ يَخْلُقُ اللَّهُ مَا يَشَاءُ ۚ إِنَّ اللَّهَ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
۽ الله سڀڪو جاندار پاڻيءَ مان بڻايو آھي، پوءِ منجھائن ڪي پنھنجي پيٽ ڀر ھلندا آھن ۽ منجھانئن ڪي ٻن پيرن تي ھلندا آھن ۽ منجھانئن ڪي چئن (پيرن) تي ھلندا آھن، الله جيڪي گھرندو آھي، سو پيدا ڪندو آھي، ڇو تہ الله سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
لَقَدْ أَنْزَلْنَا آيَاتٍ مُبَيِّنَاتٍ ۚ وَاللَّهُ يَهْدِي مَنْ يَشَاءُ إِلَىٰ صِرَاطٍ مُسْتَقِيمٍ
بيشڪ پڌريون آيتون نازل ڪيوسون، ۽ الله جنھن کي گھري تنھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي
وَيَقُولُونَ آمَنَّا بِاللَّهِ وَبِالرَّسُولِ وَأَطَعْنَا ثُمَّ يَتَوَلَّىٰ فَرِيقٌ مِنْهُمْ مِنْ بَعْدِ ذَٰلِكَ ۚ وَمَا أُولَٰئِكَ بِالْمُؤْمِنِينَ
۽ (منافق) چوندا آھن تہ، الله تي ۽ پيغمبر تي ايمان آندوسون ۽ فرمانبرداري ڪئي سون، وري اُن کانپوءِ منجھانئن ھڪ ٽولي ڦري وڃي ٿي، ۽ اُھي ايمان وارا نہ آھن

Choose other languages: