Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nur Ayahs #44 Translated in Sindhi

أَوْ كَظُلُمَاتٍ فِي بَحْرٍ لُجِّيٍّ يَغْشَاهُ مَوْجٌ مِنْ فَوْقِهِ مَوْجٌ مِنْ فَوْقِهِ سَحَابٌ ۚ ظُلُمَاتٌ بَعْضُهَا فَوْقَ بَعْضٍ إِذَا أَخْرَجَ يَدَهُ لَمْ يَكَدْ يَرَاهَا ۗ وَمَنْ لَمْ يَجْعَلِ اللَّهُ لَهُ نُورًا فَمَا لَهُ مِنْ نُورٍ
يا (ڪافر جي اعمالن جو مثال) اونداھين وانگر آھي جو اُونھي درياءَ ۾ لھرين جي مٿان لھرين ويڙھيس مٿانئس جھُڙ ھُجي، ھڪ ٻئي جي مٿان (اُھي) اونداھيون ھُجن، جڏھن پنھنجو ھٿ ڪڍي (تڏھن) اُن کي ڏسي نہ سگھي، ۽ جنھن کي الله سوجھرو نہ ڏنو تنھن کي ڪو سوجھرو ڪونھي
أَلَمْ تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُسَبِّحُ لَهُ مَنْ فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَالطَّيْرُ صَافَّاتٍ ۖ كُلٌّ قَدْ عَلِمَ صَلَاتَهُ وَتَسْبِيحَهُ ۗ وَاللَّهُ عَلِيمٌ بِمَا يَفْعَلُونَ
نہ ڏٺو اٿئي ڇا تہ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھن سي ۽ کليل پرن وارا پکي الله جي پاڪائي بيان ڪندا آھن؟ بيشڪ سڀئي پنھنجيءَ نماز ۽ پنھنجيءَ تسبيح (پڙھڻ جي طريقي) کان واقف آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڄاڻندڙ آھي
وَلِلَّهِ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۖ وَإِلَى اللَّهِ الْمَصِيرُ
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھت الله جي آھي، ۽ الله ڏانھن ورڻو آھي
أَلَمْ تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُزْجِي سَحَابًا ثُمَّ يُؤَلِّفُ بَيْنَهُ ثُمَّ يَجْعَلُهُ رُكَامًا فَتَرَى الْوَدْقَ يَخْرُجُ مِنْ خِلَالِهِ وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّمَاءِ مِنْ جِبَالٍ فِيهَا مِنْ بَرَدٍ فَيُصِيبُ بِهِ مَنْ يَشَاءُ وَيَصْرِفُهُ عَنْ مَنْ يَشَاءُ ۖ يَكَادُ سَنَا بَرْقِهِ يَذْهَبُ بِالْأَبْصَارِ
(اي پيغمبر!) نہ ڏٺو اٿئي ڇا تہ الله ڪڪرن کي ھلائيندو آھي، وري انھن کي پاڻ ۾ گڏيندو آھي، وري کين تھن تي تھ ڪندو آھي، پوءِ ڦڙي ڏسندو آھين تہ سندس وچيان نڪرندي آھي ۽ آسمان کان اُتي جي ڳڙن جي جبلن مان ڳڙو وسائيندو آھي پوءِ جنھن کي وڻيس، تنھن کي اُھو لڳائيندو آھي ۽ جنھن کان وڻيس تنھن کان اُھو ٽاريندو آھي، اُن (ڪڪر) جي وِڄ جو چمڪاٽ (ڄڻ تہ) اِجھو اکيون ٿو نِئي
يُقَلِّبُ اللَّهُ اللَّيْلَ وَالنَّهَارَ ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَعِبْرَةً لِأُولِي الْأَبْصَارِ
الله رات ۽ ڏينھن کي مٽائيندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ڏسڻ وارن لاءِ عبرت آھي

Choose other languages: