Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nur Ayahs #21 Translated in Sindhi

يَعِظُكُمُ اللَّهُ أَنْ تَعُودُوا لِمِثْلِهِ أَبَدًا إِنْ كُنْتُمْ مُؤْمِنِينَ
الله اوھان کي نصيحت ٿو ڪري تہ جيڪڏھن مؤمن آھيو تہ (ٻيھر) وري اصلي اھڙو (ڪم) نہ ڪجو
وَيُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الْآيَاتِ ۚ وَاللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
۽ الله اوھان لاءِ آيتون بيان ٿو ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
إِنَّ الَّذِينَ يُحِبُّونَ أَنْ تَشِيعَ الْفَاحِشَةُ فِي الَّذِينَ آمَنُوا لَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ فِي الدُّنْيَا وَالْآخِرَةِ ۚ وَاللَّهُ يَعْلَمُ وَأَنْتُمْ لَا تَعْلَمُونَ
بيشڪ جيڪي (ماڻھو) مؤمنن (جي نسبت) ۾ بدڪاريءَ (جي تھمت) جي پڌري ٿيڻ کي دوست رکندا آھن تن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نہ ڄاڻندا آھيو
وَلَوْلَا فَضْلُ اللَّهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ رَءُوفٌ رَحِيمٌ
۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نہ ھجي ھا (تہ ضرور خراب ٿيو ھا) ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَتَّبِعُوا خُطُوَاتِ الشَّيْطَانِ ۚ وَمَنْ يَتَّبِعْ خُطُوَاتِ الشَّيْطَانِ فَإِنَّهُ يَأْمُرُ بِالْفَحْشَاءِ وَالْمُنْكَرِ ۚ وَلَوْلَا فَضْلُ اللَّهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهُ مَا زَكَىٰ مِنْكُمْ مِنْ أَحَدٍ أَبَدًا وَلَٰكِنَّ اللَّهَ يُزَكِّي مَنْ يَشَاءُ ۗ وَاللَّهُ سَمِيعٌ عَلِيمٌ
اي ايمان وارؤ! اوھين شيطان جي وِکن تي نہ ھلو، ۽ جيڪو شيطان جي وکن تي ھلندو تہ شيطان تہ بيحيائي (جون ڳالھيون) ۽ گندا ڪم ڏسيندو آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نہ ھجي ھا تہ اوھان مان ڪو ھڪ ڪڏھن نہ سُڌري ھا پر الله جنھن کي گھرندو آھي (تنھن کي) پاڪ ڪندو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي

Choose other languages: