Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nur Ayahs #20 Translated in Sindhi

وَلَوْلَا إِذْ سَمِعْتُمُوهُ قُلْتُمْ مَا يَكُونُ لَنَا أَنْ نَتَكَلَّمَ بِهَٰذَا سُبْحَانَكَ هَٰذَا بُهْتَانٌ عَظِيمٌ
۽ جڏھن اُھو ٻُڌوَ (تڏھن) ڇو نہ چيوَ تہ اسان کي اھو چوڻ نہ جڳائيندو آھي، (اي الله) تنھنجي پاڪائي بيان ڪريون ٿا، ھي وڏو بُھتان آھي
يَعِظُكُمُ اللَّهُ أَنْ تَعُودُوا لِمِثْلِهِ أَبَدًا إِنْ كُنْتُمْ مُؤْمِنِينَ
الله اوھان کي نصيحت ٿو ڪري تہ جيڪڏھن مؤمن آھيو تہ (ٻيھر) وري اصلي اھڙو (ڪم) نہ ڪجو
وَيُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الْآيَاتِ ۚ وَاللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
۽ الله اوھان لاءِ آيتون بيان ٿو ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
إِنَّ الَّذِينَ يُحِبُّونَ أَنْ تَشِيعَ الْفَاحِشَةُ فِي الَّذِينَ آمَنُوا لَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ فِي الدُّنْيَا وَالْآخِرَةِ ۚ وَاللَّهُ يَعْلَمُ وَأَنْتُمْ لَا تَعْلَمُونَ
بيشڪ جيڪي (ماڻھو) مؤمنن (جي نسبت) ۾ بدڪاريءَ (جي تھمت) جي پڌري ٿيڻ کي دوست رکندا آھن تن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نہ ڄاڻندا آھيو
وَلَوْلَا فَضْلُ اللَّهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ رَءُوفٌ رَحِيمٌ
۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نہ ھجي ھا (تہ ضرور خراب ٿيو ھا) ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي

Choose other languages: