Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #68 Translated in Sindhi

أَمَّنْ يَبْدَأُ الْخَلْقَ ثُمَّ يُعِيدُهُ وَمَنْ يَرْزُقُكُمْ مِنَ السَّمَاءِ وَالْأَرْضِ ۗ أَإِلَٰهٌ مَعَ اللَّهِ ۚ قُلْ هَاتُوا بُرْهَانَكُمْ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ
ڀلا نئين سر خلق ڪير بڻائيندو آھي؟ وري ٻيھر اُن کي بڻائيندو، ۽ اوھان کي آسمان ۽ زمين مان ڪير روزي ڏيندو آھي؟ الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ (اي پيغمبر کين) چئو تہ، جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ پنھنجي حُجت آڻيو
قُلْ لَا يَعْلَمُ مَنْ فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ الْغَيْبَ إِلَّا اللَّهُ ۚ وَمَا يَشْعُرُونَ أَيَّانَ يُبْعَثُونَ
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ، آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي بہ آھن، سي الله کانسواءِ ڳجھ نہ ڄاڻندا آھن ۽ نڪي ڄاڻندا آھن تہ ڪڏھن وري اُٿاربن
بَلِ ادَّارَكَ عِلْمُهُمْ فِي الْآخِرَةِ ۚ بَلْ هُمْ فِي شَكٍّ مِنْهَا ۖ بَلْ هُمْ مِنْهَا عَمُونَ
بلڪ سندن ڄاڻپ آخرت (جي نسبت) ۾ عاجز ٿي پئي آھي، بلڪ اُھي کانئس شڪ ۾ آھن، (نہ!) بلڪ ان (جي سمجھ) کان انڌا آھن
وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا أَإِذَا كُنَّا تُرَابًا وَآبَاؤُنَا أَئِنَّا لَمُخْرَجُونَ
۽ ڪافر چوندا آھن تہ، جڏھن اسين مٽي ٿينداسون ۽ اسان جا پيءُ ڏاڏا (بہ، تڏھن بہ) اسين وري قبرن مان ڪڍباسون ڇا؟
لَقَدْ وُعِدْنَا هَٰذَا نَحْنُ وَآبَاؤُنَا مِنْ قَبْلُ إِنْ هَٰذَا إِلَّا أَسَاطِيرُ الْأَوَّلِينَ
بيشڪ اسان کي ۽ اسان جي پيءُ ڏاڏن کي ھن کان اڳ انھيءَ (ڳالھ) جو اَنجام ڏنو ويو آھي، ھيءُ رڳو اڳين جون آکاڻيون آھن

Choose other languages: