Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #70 Translated in Sindhi

بَلِ ادَّارَكَ عِلْمُهُمْ فِي الْآخِرَةِ ۚ بَلْ هُمْ فِي شَكٍّ مِنْهَا ۖ بَلْ هُمْ مِنْهَا عَمُونَ
بلڪ سندن ڄاڻپ آخرت (جي نسبت) ۾ عاجز ٿي پئي آھي، بلڪ اُھي کانئس شڪ ۾ آھن، (نہ!) بلڪ ان (جي سمجھ) کان انڌا آھن
وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا أَإِذَا كُنَّا تُرَابًا وَآبَاؤُنَا أَئِنَّا لَمُخْرَجُونَ
۽ ڪافر چوندا آھن تہ، جڏھن اسين مٽي ٿينداسون ۽ اسان جا پيءُ ڏاڏا (بہ، تڏھن بہ) اسين وري قبرن مان ڪڍباسون ڇا؟
لَقَدْ وُعِدْنَا هَٰذَا نَحْنُ وَآبَاؤُنَا مِنْ قَبْلُ إِنْ هَٰذَا إِلَّا أَسَاطِيرُ الْأَوَّلِينَ
بيشڪ اسان کي ۽ اسان جي پيءُ ڏاڏن کي ھن کان اڳ انھيءَ (ڳالھ) جو اَنجام ڏنو ويو آھي، ھيءُ رڳو اڳين جون آکاڻيون آھن
قُلْ سِيرُوا فِي الْأَرْضِ فَانْظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُجْرِمِينَ
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ، زمين ۾ گُھمو ۽ ڏسو تہ گھنھگارن جي پڇاڙي ڪھڙيءَ طرح ٿي ھئي
وَلَا تَحْزَنْ عَلَيْهِمْ وَلَا تَكُنْ فِي ضَيْقٍ مِمَّا يَمْكُرُونَ
۽ (اي پيغمبر!) مٿن ڏک نہ ڪر ۽ سندن فريب ڪرڻ کان خفگيءَ ۾ نہ رھ

Choose other languages: