Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #73 Translated in Sindhi

قُلْ سِيرُوا فِي الْأَرْضِ فَانْظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُجْرِمِينَ
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ، زمين ۾ گُھمو ۽ ڏسو تہ گھنھگارن جي پڇاڙي ڪھڙيءَ طرح ٿي ھئي
وَلَا تَحْزَنْ عَلَيْهِمْ وَلَا تَكُنْ فِي ضَيْقٍ مِمَّا يَمْكُرُونَ
۽ (اي پيغمبر!) مٿن ڏک نہ ڪر ۽ سندن فريب ڪرڻ کان خفگيءَ ۾ نہ رھ
وَيَقُولُونَ مَتَىٰ هَٰذَا الْوَعْدُ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ
۽ چوندا آھن تہ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ اِھو انجام ڪڏھن ٿيندو
قُلْ عَسَىٰ أَنْ يَكُونَ رَدِفَ لَكُمْ بَعْضُ الَّذِي تَسْتَعْجِلُونَ
(کين) چئو تہ، جيڪي تڪڙو گھرندا آھيو، تنھن مان ڪجھ متان اوھان جي پُٺيءَ پويان (ويجھو) ھجي
وَإِنَّ رَبَّكَ لَذُو فَضْلٍ عَلَى النَّاسِ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَشْكُرُونَ
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ماڻھن تي فضل ڪرڻ وارو آھي، پر گھڻا ماڻھو شڪر نہ ڪندا آھن

Choose other languages: