Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #72 Translated in Sindhi

لَقَدْ وُعِدْنَا هَٰذَا نَحْنُ وَآبَاؤُنَا مِنْ قَبْلُ إِنْ هَٰذَا إِلَّا أَسَاطِيرُ الْأَوَّلِينَ
بيشڪ اسان کي ۽ اسان جي پيءُ ڏاڏن کي ھن کان اڳ انھيءَ (ڳالھ) جو اَنجام ڏنو ويو آھي، ھيءُ رڳو اڳين جون آکاڻيون آھن
قُلْ سِيرُوا فِي الْأَرْضِ فَانْظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُجْرِمِينَ
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ، زمين ۾ گُھمو ۽ ڏسو تہ گھنھگارن جي پڇاڙي ڪھڙيءَ طرح ٿي ھئي
وَلَا تَحْزَنْ عَلَيْهِمْ وَلَا تَكُنْ فِي ضَيْقٍ مِمَّا يَمْكُرُونَ
۽ (اي پيغمبر!) مٿن ڏک نہ ڪر ۽ سندن فريب ڪرڻ کان خفگيءَ ۾ نہ رھ
وَيَقُولُونَ مَتَىٰ هَٰذَا الْوَعْدُ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ
۽ چوندا آھن تہ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ اِھو انجام ڪڏھن ٿيندو
قُلْ عَسَىٰ أَنْ يَكُونَ رَدِفَ لَكُمْ بَعْضُ الَّذِي تَسْتَعْجِلُونَ
(کين) چئو تہ، جيڪي تڪڙو گھرندا آھيو، تنھن مان ڪجھ متان اوھان جي پُٺيءَ پويان (ويجھو) ھجي

Choose other languages: