Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #71 Translated in Sindhi

وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا أَإِذَا كُنَّا تُرَابًا وَآبَاؤُنَا أَئِنَّا لَمُخْرَجُونَ
۽ ڪافر چوندا آھن تہ، جڏھن اسين مٽي ٿينداسون ۽ اسان جا پيءُ ڏاڏا (بہ، تڏھن بہ) اسين وري قبرن مان ڪڍباسون ڇا؟
لَقَدْ وُعِدْنَا هَٰذَا نَحْنُ وَآبَاؤُنَا مِنْ قَبْلُ إِنْ هَٰذَا إِلَّا أَسَاطِيرُ الْأَوَّلِينَ
بيشڪ اسان کي ۽ اسان جي پيءُ ڏاڏن کي ھن کان اڳ انھيءَ (ڳالھ) جو اَنجام ڏنو ويو آھي، ھيءُ رڳو اڳين جون آکاڻيون آھن
قُلْ سِيرُوا فِي الْأَرْضِ فَانْظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُجْرِمِينَ
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ، زمين ۾ گُھمو ۽ ڏسو تہ گھنھگارن جي پڇاڙي ڪھڙيءَ طرح ٿي ھئي
وَلَا تَحْزَنْ عَلَيْهِمْ وَلَا تَكُنْ فِي ضَيْقٍ مِمَّا يَمْكُرُونَ
۽ (اي پيغمبر!) مٿن ڏک نہ ڪر ۽ سندن فريب ڪرڻ کان خفگيءَ ۾ نہ رھ
وَيَقُولُونَ مَتَىٰ هَٰذَا الْوَعْدُ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ
۽ چوندا آھن تہ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ اِھو انجام ڪڏھن ٿيندو

Choose other languages: