Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #75 Translated in Sindhi

وَيَقُولُونَ مَتَىٰ هَٰذَا الْوَعْدُ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ
۽ چوندا آھن تہ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ اِھو انجام ڪڏھن ٿيندو
قُلْ عَسَىٰ أَنْ يَكُونَ رَدِفَ لَكُمْ بَعْضُ الَّذِي تَسْتَعْجِلُونَ
(کين) چئو تہ، جيڪي تڪڙو گھرندا آھيو، تنھن مان ڪجھ متان اوھان جي پُٺيءَ پويان (ويجھو) ھجي
وَإِنَّ رَبَّكَ لَذُو فَضْلٍ عَلَى النَّاسِ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَشْكُرُونَ
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ماڻھن تي فضل ڪرڻ وارو آھي، پر گھڻا ماڻھو شڪر نہ ڪندا آھن
وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَعْلَمُ مَا تُكِنُّ صُدُورُهُمْ وَمَا يُعْلِنُونَ
۽ سندن سينا جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن، سو تنھنجو پالڻھار بيشڪ ڄاڻندو آھي
وَمَا مِنْ غَائِبَةٍ فِي السَّمَاءِ وَالْأَرْضِ إِلَّا فِي كِتَابٍ مُبِينٍ
۽ آسمان ۽ زمين ۾ اھڙي ڪا (شئي) ڳجھي نہ آھي، جا پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) نہ آھي

Choose other languages: