Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #67 Translated in Sindhi

أَمَّنْ يَهْدِيكُمْ فِي ظُلُمَاتِ الْبَرِّ وَالْبَحْرِ وَمَنْ يُرْسِلُ الرِّيَاحَ بُشْرًا بَيْنَ يَدَيْ رَحْمَتِهِ ۗ أَإِلَٰهٌ مَعَ اللَّهِ ۚ تَعَالَى اللَّهُ عَمَّا يُشْرِكُونَ
(نہ بلڪ پڇون ٿا تہ) اوھان کي بر ۽ بحر جي اونداھين ۾ ڪير (سڌو) رستو ڏيکاريندو آھي؟ ۽ پنھنجيءَ ٻاجھ (يعني مينھن) کان اڳ خوشخبري ڏيندڙ ھوائُن کي ڪير گھلائيندو آھي؟ الله کانسواءِ ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ (ڪافر) جيڪي شريڪ مقرر ڪندا آھن تن کان الله تمام مٿاھون آھي
أَمَّنْ يَبْدَأُ الْخَلْقَ ثُمَّ يُعِيدُهُ وَمَنْ يَرْزُقُكُمْ مِنَ السَّمَاءِ وَالْأَرْضِ ۗ أَإِلَٰهٌ مَعَ اللَّهِ ۚ قُلْ هَاتُوا بُرْهَانَكُمْ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ
ڀلا نئين سر خلق ڪير بڻائيندو آھي؟ وري ٻيھر اُن کي بڻائيندو، ۽ اوھان کي آسمان ۽ زمين مان ڪير روزي ڏيندو آھي؟ الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ (اي پيغمبر کين) چئو تہ، جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ پنھنجي حُجت آڻيو
قُلْ لَا يَعْلَمُ مَنْ فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ الْغَيْبَ إِلَّا اللَّهُ ۚ وَمَا يَشْعُرُونَ أَيَّانَ يُبْعَثُونَ
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ، آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي بہ آھن، سي الله کانسواءِ ڳجھ نہ ڄاڻندا آھن ۽ نڪي ڄاڻندا آھن تہ ڪڏھن وري اُٿاربن
بَلِ ادَّارَكَ عِلْمُهُمْ فِي الْآخِرَةِ ۚ بَلْ هُمْ فِي شَكٍّ مِنْهَا ۖ بَلْ هُمْ مِنْهَا عَمُونَ
بلڪ سندن ڄاڻپ آخرت (جي نسبت) ۾ عاجز ٿي پئي آھي، بلڪ اُھي کانئس شڪ ۾ آھن، (نہ!) بلڪ ان (جي سمجھ) کان انڌا آھن
وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا أَإِذَا كُنَّا تُرَابًا وَآبَاؤُنَا أَئِنَّا لَمُخْرَجُونَ
۽ ڪافر چوندا آھن تہ، جڏھن اسين مٽي ٿينداسون ۽ اسان جا پيءُ ڏاڏا (بہ، تڏھن بہ) اسين وري قبرن مان ڪڍباسون ڇا؟

Choose other languages: