Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #30 Translated in Sindhi

قَالَ فَإِنَّهَا مُحَرَّمَةٌ عَلَيْهِمْ ۛ أَرْبَعِينَ سَنَةً ۛ يَتِيهُونَ فِي الْأَرْضِ ۚ فَلَا تَأْسَ عَلَى الْقَوْمِ الْفَاسِقِينَ
(الله) چيو تہ اُھا (پاڪ زمين) چاليھ ورھيہ مٿن حرام ڪئي ويئي آھي، زمين (يعني برپٽ) ۾ حيران پريشان رھندا، تنھنڪري بي فرمان قوم تي ڏک نہ ڪر
وَاتْلُ عَلَيْهِمْ نَبَأَ ابْنَيْ آدَمَ بِالْحَقِّ إِذْ قَرَّبَا قُرْبَانًا فَتُقُبِّلَ مِنْ أَحَدِهِمَا وَلَمْ يُتَقَبَّلْ مِنَ الْآخَرِ قَالَ لَأَقْتُلَنَّكَ ۖ قَالَ إِنَّمَا يَتَقَبَّلُ اللَّهُ مِنَ الْمُتَّقِينَ
(اي پيغمبر!) آدم جي ٻن پُٽن (ھابيل ۽ قابيل) جي خبر کين سچيءَ طرح پڙھي ٻُڌاءِ، جڏھن ٻنھي (ھڪ ھڪ) قرباني نذر ڪئي تڏھن تڏھن ٻنھي مان ھڪڙي جي قبول ڪئي ويئي ۽ ٻئي جي قبول نہ ڪئي ويئي، (قابيل) چيو تہ ضرور ماريندوسانءِ، ۽ (ھابيل) چيو تہ الله رڳو پرھيزگارن جي (قرباني) قبول ڪندو آھي
لَئِنْ بَسَطْتَ إِلَيَّ يَدَكَ لِتَقْتُلَنِي مَا أَنَا بِبَاسِطٍ يَدِيَ إِلَيْكَ لِأَقْتُلَكَ ۖ إِنِّي أَخَافُ اللَّهَ رَبَّ الْعَالَمِينَ
جيڪڏھن پنھنجو ھٿ منھنجي مارڻ لاءِ مون ڏانھن ڊگھو ڪندين تہ آءٌ پنھنجو ھٿ تو ڏانھن ڪڏھن بہ ڊگھو نہ ڪندس تہ تو کي ماريان، ڇو تہ آءٌ جھانن جي پالڻھار الله کان ڊڄان ٿو
إِنِّي أُرِيدُ أَنْ تَبُوءَ بِإِثْمِي وَإِثْمِكَ فَتَكُونَ مِنْ أَصْحَابِ النَّارِ ۚ وَذَٰلِكَ جَزَاءُ الظَّالِمِينَ
منھنجو ارادو آھي تہ منھنجو گناھ ۽ پنھنجو گناھ تون کڻين تہ دوزخين مان ٿئين، ۽ ظالمن جي اِھا سزا آھي
فَطَوَّعَتْ لَهُ نَفْسُهُ قَتْلَ أَخِيهِ فَقَتَلَهُ فَأَصْبَحَ مِنَ الْخَاسِرِينَ
پوءِ سندس دل کيس سندس ڀاءُ جي ڪھڻ تي رغبت ڏياري پوءِ کيس ڪُٺائين پوءِ خساري وارن مان ٿيو

Choose other languages: