Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #32 Translated in Sindhi

لَئِنْ بَسَطْتَ إِلَيَّ يَدَكَ لِتَقْتُلَنِي مَا أَنَا بِبَاسِطٍ يَدِيَ إِلَيْكَ لِأَقْتُلَكَ ۖ إِنِّي أَخَافُ اللَّهَ رَبَّ الْعَالَمِينَ
جيڪڏھن پنھنجو ھٿ منھنجي مارڻ لاءِ مون ڏانھن ڊگھو ڪندين تہ آءٌ پنھنجو ھٿ تو ڏانھن ڪڏھن بہ ڊگھو نہ ڪندس تہ تو کي ماريان، ڇو تہ آءٌ جھانن جي پالڻھار الله کان ڊڄان ٿو
إِنِّي أُرِيدُ أَنْ تَبُوءَ بِإِثْمِي وَإِثْمِكَ فَتَكُونَ مِنْ أَصْحَابِ النَّارِ ۚ وَذَٰلِكَ جَزَاءُ الظَّالِمِينَ
منھنجو ارادو آھي تہ منھنجو گناھ ۽ پنھنجو گناھ تون کڻين تہ دوزخين مان ٿئين، ۽ ظالمن جي اِھا سزا آھي
فَطَوَّعَتْ لَهُ نَفْسُهُ قَتْلَ أَخِيهِ فَقَتَلَهُ فَأَصْبَحَ مِنَ الْخَاسِرِينَ
پوءِ سندس دل کيس سندس ڀاءُ جي ڪھڻ تي رغبت ڏياري پوءِ کيس ڪُٺائين پوءِ خساري وارن مان ٿيو
فَبَعَثَ اللَّهُ غُرَابًا يَبْحَثُ فِي الْأَرْضِ لِيُرِيَهُ كَيْفَ يُوَارِي سَوْءَةَ أَخِيهِ ۚ قَالَ يَا وَيْلَتَا أَعَجَزْتُ أَنْ أَكُونَ مِثْلَ هَٰذَا الْغُرَابِ فَأُوَارِيَ سَوْءَةَ أَخِي ۖ فَأَصْبَحَ مِنَ النَّادِمِينَ
پوءِ الله ھڪ ڪانوَ کي موڪليو جنھن زمين ۾ ھن لاءِ کوٽيو ٿي تہ کيس ڏيکاري تہ پنھنجي ڀاءُ جي لاش کي ڪيئن لڪائي، (ڪانوَ کي ڏسي) چيائين تہ مون لاءِ ارمان آھي! تہ ڇو مُنجھيس؟ جي آءٌ ھِن ڪانوَ جھڙو ھُجان ھا تہ (بہ) پنھنجي ڀاءُ جو لاشو لڪايان ھا! پوءِ پشيمانن مان ٿيو
مِنْ أَجْلِ ذَٰلِكَ كَتَبْنَا عَلَىٰ بَنِي إِسْرَائِيلَ أَنَّهُ مَنْ قَتَلَ نَفْسًا بِغَيْرِ نَفْسٍ أَوْ فَسَادٍ فِي الْأَرْضِ فَكَأَنَّمَا قَتَلَ النَّاسَ جَمِيعًا وَمَنْ أَحْيَاهَا فَكَأَنَّمَا أَحْيَا النَّاسَ جَمِيعًا ۚ وَلَقَدْ جَاءَتْهُمْ رُسُلُنَا بِالْبَيِّنَاتِ ثُمَّ إِنَّ كَثِيرًا مِنْهُمْ بَعْدَ ذَٰلِكَ فِي الْأَرْضِ لَمُسْرِفُونَ
اِنھيءَ ڪري بني اسرائيلن تي لازم ڪيوسون تہ جيڪو ڪنھن جان جي عوض يا زمين ۾ فساد وجھڻ (واري) کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي ڪُھندو تنھن ڄڻڪ مڙني ماڻھن کي ڪُٺو، ۽ جنھن اُن کي بچايو تنھن ڄڻڪ مڙني ماڻھن کي بچايو، ۽ بيشڪ اسان جا (گھڻا) پيغمبر چِٽن مُعجزن سان وٽن آيا، وري اُن کان پوءِ منجھانئن گھڻا ملڪ ۾ حد کان لنگھندڙ ٿيا

Choose other languages: