Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #14 Translated in Sindhi

إِذْ أَوَى الْفِتْيَةُ إِلَى الْكَهْفِ فَقَالُوا رَبَّنَا آتِنَا مِنْ لَدُنْكَ رَحْمَةً وَهَيِّئْ لَنَا مِنْ أَمْرِنَا رَشَدًا
جڏھن غار ۾ انھن جوانن پناھ ورتي تڏھن چيائون تہ اي اسان جا پالڻھار پاڻ وٽان اسان کي ٻاجھ عطا ڪر ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان لاءِ چڱائي ڪر
فَضَرَبْنَا عَلَىٰ آذَانِهِمْ فِي الْكَهْفِ سِنِينَ عَدَدًا
پوءِ ڪيترائي ورھيہ غار ۾ سندن ڪَنن تي (گھاٽي ننڊ جا پردا) ھنياسون
ثُمَّ بَعَثْنَاهُمْ لِنَعْلَمَ أَيُّ الْحِزْبَيْنِ أَحْصَىٰ لِمَا لَبِثُوا أَمَدًا
وري کين ھن لاءِ اُٿاريوسون تہ ڏيکاريون تہ جا مدت رھيا سا ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي کي ياد آھي
نَحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ نَبَأَهُمْ بِالْحَقِّ ۚ إِنَّهُمْ فِتْيَةٌ آمَنُوا بِرَبِّهِمْ وَزِدْنَاهُمْ هُدًى
اسين تو کي سندن سچي خبر بيان ڪريون ٿا، بيشڪ اُھي چند نوجوان ھئا جو پنھنجي رب تي ايمان آندو ھئائون ۽ کين وڌيڪ ھدايت ڪئي ھئي سون
وَرَبَطْنَا عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ إِذْ قَامُوا فَقَالُوا رَبُّنَا رَبُّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ لَنْ نَدْعُوَ مِنْ دُونِهِ إِلَٰهًا ۖ لَقَدْ قُلْنَا إِذًا شَطَطًا
۽ سندن دلين کي مضبوط ڪيوسون جڏھن اُٿيا تڏھن چيائون تہ اسان جو رب! آسمانن ۽ زمين جو رب آھي اُن کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي معبُود ڪري نہ سڏينداسون (جي سڏيوسون تہ) ضرور بيشڪ اُنھي مھل بيھودي ڳالھ چئي سون

Choose other languages: