Surah Al-Kahf Ayahs #16 Translated in Sindhi
ثُمَّ بَعَثْنَاهُمْ لِنَعْلَمَ أَيُّ الْحِزْبَيْنِ أَحْصَىٰ لِمَا لَبِثُوا أَمَدًا
وري کين ھن لاءِ اُٿاريوسون تہ ڏيکاريون تہ جا مدت رھيا سا ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي کي ياد آھي
نَحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ نَبَأَهُمْ بِالْحَقِّ ۚ إِنَّهُمْ فِتْيَةٌ آمَنُوا بِرَبِّهِمْ وَزِدْنَاهُمْ هُدًى
اسين تو کي سندن سچي خبر بيان ڪريون ٿا، بيشڪ اُھي چند نوجوان ھئا جو پنھنجي رب تي ايمان آندو ھئائون ۽ کين وڌيڪ ھدايت ڪئي ھئي سون
وَرَبَطْنَا عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ إِذْ قَامُوا فَقَالُوا رَبُّنَا رَبُّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ لَنْ نَدْعُوَ مِنْ دُونِهِ إِلَٰهًا ۖ لَقَدْ قُلْنَا إِذًا شَطَطًا
۽ سندن دلين کي مضبوط ڪيوسون جڏھن اُٿيا تڏھن چيائون تہ اسان جو رب! آسمانن ۽ زمين جو رب آھي اُن کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي معبُود ڪري نہ سڏينداسون (جي سڏيوسون تہ) ضرور بيشڪ اُنھي مھل بيھودي ڳالھ چئي سون
هَٰؤُلَاءِ قَوْمُنَا اتَّخَذُوا مِنْ دُونِهِ آلِهَةً ۖ لَوْلَا يَأْتُونَ عَلَيْهِمْ بِسُلْطَانٍ بَيِّنٍ ۖ فَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنِ افْتَرَىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا
اسان جي ھن قوم الله کانسواءِ ٻيا معبود ورتا آھن، مٿن ڇو نہ ڪو پڌرو دليل آڻيندا آھن؟ پوءِ جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟
وَإِذِ اعْتَزَلْتُمُوهُمْ وَمَا يَعْبُدُونَ إِلَّا اللَّهَ فَأْوُوا إِلَى الْكَهْفِ يَنْشُرْ لَكُمْ رَبُّكُمْ مِنْ رَحْمَتِهِ وَيُهَيِّئْ لَكُمْ مِنْ أَمْرِكُمْ مِرْفَقًا
۽ جڏھن اوھين اُنھن (مشرڪن) کان ۽ الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھن تن کان پاسي ٿيو تڏھن غار ڏانھن پناھ وٺو تہ اوھان جو رب اوھان لاءِ پنھنجي رحمت پکيڙيندو ۽ اوھان جي ڪم ۾ اوھان لاءِ سولائي مھيا ڪندو
Choose other languages:

Albanian

Amharic

Azerbaijani

Bengali

Bosnian

Bulgarian

Burmese

Chinese

Danish

Dutch

English

Farsi

Filipino

French

Fulah

German

Gujarati

Hausa

Hindi

Indonesian

Italian

Japanese

Jawa

Kazakh

Khmer

Korean

Kurdish

Kyrgyz

Malay

Malayalam

Norwegian

Pashto

Persian

Polish

Portuguese

Punjabi

Russian

Sindhi

Sinhalese

Somali

Spanish

Swahili

Swedish

Tajik

Tamil

Tatar

Telugu

Thai

Turkish

Urdu

Uyghur

Uzbek

Vietnamese

Yoruba
