Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #15 Translated in Sindhi

فَضَرَبْنَا عَلَىٰ آذَانِهِمْ فِي الْكَهْفِ سِنِينَ عَدَدًا
پوءِ ڪيترائي ورھيہ غار ۾ سندن ڪَنن تي (گھاٽي ننڊ جا پردا) ھنياسون
ثُمَّ بَعَثْنَاهُمْ لِنَعْلَمَ أَيُّ الْحِزْبَيْنِ أَحْصَىٰ لِمَا لَبِثُوا أَمَدًا
وري کين ھن لاءِ اُٿاريوسون تہ ڏيکاريون تہ جا مدت رھيا سا ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي کي ياد آھي
نَحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ نَبَأَهُمْ بِالْحَقِّ ۚ إِنَّهُمْ فِتْيَةٌ آمَنُوا بِرَبِّهِمْ وَزِدْنَاهُمْ هُدًى
اسين تو کي سندن سچي خبر بيان ڪريون ٿا، بيشڪ اُھي چند نوجوان ھئا جو پنھنجي رب تي ايمان آندو ھئائون ۽ کين وڌيڪ ھدايت ڪئي ھئي سون
وَرَبَطْنَا عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ إِذْ قَامُوا فَقَالُوا رَبُّنَا رَبُّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ لَنْ نَدْعُوَ مِنْ دُونِهِ إِلَٰهًا ۖ لَقَدْ قُلْنَا إِذًا شَطَطًا
۽ سندن دلين کي مضبوط ڪيوسون جڏھن اُٿيا تڏھن چيائون تہ اسان جو رب! آسمانن ۽ زمين جو رب آھي اُن کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي معبُود ڪري نہ سڏينداسون (جي سڏيوسون تہ) ضرور بيشڪ اُنھي مھل بيھودي ڳالھ چئي سون
هَٰؤُلَاءِ قَوْمُنَا اتَّخَذُوا مِنْ دُونِهِ آلِهَةً ۖ لَوْلَا يَأْتُونَ عَلَيْهِمْ بِسُلْطَانٍ بَيِّنٍ ۖ فَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنِ افْتَرَىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا
اسان جي ھن قوم الله کانسواءِ ٻيا معبود ورتا آھن، مٿن ڇو نہ ڪو پڌرو دليل آڻيندا آھن؟ پوءِ جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟

Choose other languages: