Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #19 Translated in Sindhi

هَٰؤُلَاءِ قَوْمُنَا اتَّخَذُوا مِنْ دُونِهِ آلِهَةً ۖ لَوْلَا يَأْتُونَ عَلَيْهِمْ بِسُلْطَانٍ بَيِّنٍ ۖ فَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنِ افْتَرَىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا
اسان جي ھن قوم الله کانسواءِ ٻيا معبود ورتا آھن، مٿن ڇو نہ ڪو پڌرو دليل آڻيندا آھن؟ پوءِ جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟
وَإِذِ اعْتَزَلْتُمُوهُمْ وَمَا يَعْبُدُونَ إِلَّا اللَّهَ فَأْوُوا إِلَى الْكَهْفِ يَنْشُرْ لَكُمْ رَبُّكُمْ مِنْ رَحْمَتِهِ وَيُهَيِّئْ لَكُمْ مِنْ أَمْرِكُمْ مِرْفَقًا
۽ جڏھن اوھين اُنھن (مشرڪن) کان ۽ الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھن تن کان پاسي ٿيو تڏھن غار ڏانھن پناھ وٺو تہ اوھان جو رب اوھان لاءِ پنھنجي رحمت پکيڙيندو ۽ اوھان جي ڪم ۾ اوھان لاءِ سولائي مھيا ڪندو
وَتَرَى الشَّمْسَ إِذَا طَلَعَتْ تَزَاوَرُ عَنْ كَهْفِهِمْ ذَاتَ الْيَمِينِ وَإِذَا غَرَبَتْ تَقْرِضُهُمْ ذَاتَ الشِّمَالِ وَهُمْ فِي فَجْوَةٍ مِنْهُ ۚ ذَٰلِكَ مِنْ آيَاتِ اللَّهِ ۗ مَنْ يَهْدِ اللَّهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِ ۖ وَمَنْ يُضْلِلْ فَلَنْ تَجِدَ لَهُ وَلِيًّا مُرْشِدًا
۽ (اي ڏسندڙ) جڏھن سج اُڀري (تڏھن) ڏسندين تہ (اُس) سندن غار کان سڄي پاسي لڙندي آھي ۽ جڏھن لھي تڏھن سندن کٻي پاسي مڙندي آھي ۽ اھي اُن (غار جي) ويڪرائيءَ ۾ آھن، اِھا الله جي نشانين مان آھي، جنھن کي الله ھدايت ڪري سو ھدايت وارو آھي، ۽ جنھن کي گمراھ ڪري تنھن لاءِ ڪوبہ دوست واٽ ڏيکارندڙ نہ لھندين
وَتَحْسَبُهُمْ أَيْقَاظًا وَهُمْ رُقُودٌ ۚ وَنُقَلِّبُهُمْ ذَاتَ الْيَمِينِ وَذَاتَ الشِّمَالِ ۖ وَكَلْبُهُمْ بَاسِطٌ ذِرَاعَيْهِ بِالْوَصِيدِ ۚ لَوِ اطَّلَعْتَ عَلَيْهِمْ لَوَلَّيْتَ مِنْهُمْ فِرَارًا وَلَمُلِئْتَ مِنْهُمْ رُعْبًا
۽ تون کين جاڳندڙ ڀائيندين پر اِھي (ننڊ ۾) سمھيل آھن، ۽ کين سڄي پاسي ۽ کٻي پاسي تي اُٿلائيندا آھيون، ۽ سندن ڪتو چائٺ تي اڳيون ٽنگون ڊگھيريو پيو آھي، جيڪڏھن مٿن بيھي ڏسين تہ کانئن ڀڄندڙ ٿي پٺي ڦيرين ۽ کانئن دھشت مان ڀرجي وڃين
وَكَذَٰلِكَ بَعَثْنَاهُمْ لِيَتَسَاءَلُوا بَيْنَهُمْ ۚ قَالَ قَائِلٌ مِنْهُمْ كَمْ لَبِثْتُمْ ۖ قَالُوا لَبِثْنَا يَوْمًا أَوْ بَعْضَ يَوْمٍ ۚ قَالُوا رَبُّكُمْ أَعْلَمُ بِمَا لَبِثْتُمْ فَابْعَثُوا أَحَدَكُمْ بِوَرِقِكُمْ هَٰذِهِ إِلَى الْمَدِينَةِ فَلْيَنْظُرْ أَيُّهَا أَزْكَىٰ طَعَامًا فَلْيَأْتِكُمْ بِرِزْقٍ مِنْهُ وَلْيَتَلَطَّفْ وَلَا يُشْعِرَنَّ بِكُمْ أَحَدًا
۽ اھڙي طرح کين ھن لاءِ اٿاريوسون تہ پاڻ ۾ پڇن، منجھانئن چوندڙ چيو تہ (اوھين ھتي) ڪيترو ٽڪيؤ، چيائون تہ ھڪ ڏينھن يا ڏينھن جو ڪجھ (حصو) رھياسون (ڪن) چيو تہ جيترو اوھين رھيا آھيو سو اوھان جو رب وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، پوءِ پاڻ مان ھڪ کي ھن پنھنجي سڪي سان شھر ڏانھن موڪليو پوءِ ڀلي ڏسي تہ اُن (ڳوٺ) جو ڪھڙو وڌيڪ پاڪ (حلال) طعام آھي پوءِ منجھانئس ڪجھ (طعام) اوھان وٽ آڻي ۽ جڳائي تہ (خريداري مھل) نرمي (۽ ھوشياري) ڪري ۽ اوھان جو حال ڪنھن ھڪڙي کي نہ ڄاڻائي

Choose other languages: