Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #13 Translated in Sindhi

أَمْ حَسِبْتَ أَنَّ أَصْحَابَ الْكَهْفِ وَالرَّقِيمِ كَانُوا مِنْ آيَاتِنَا عَجَبًا
ڀانيو اَٿيئي ڇا؟ تہ غار ۽ رقيم (سندن نالن واري ڪتبي) وارا اسان جي عجب نشانين مان ھئا
إِذْ أَوَى الْفِتْيَةُ إِلَى الْكَهْفِ فَقَالُوا رَبَّنَا آتِنَا مِنْ لَدُنْكَ رَحْمَةً وَهَيِّئْ لَنَا مِنْ أَمْرِنَا رَشَدًا
جڏھن غار ۾ انھن جوانن پناھ ورتي تڏھن چيائون تہ اي اسان جا پالڻھار پاڻ وٽان اسان کي ٻاجھ عطا ڪر ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان لاءِ چڱائي ڪر
فَضَرَبْنَا عَلَىٰ آذَانِهِمْ فِي الْكَهْفِ سِنِينَ عَدَدًا
پوءِ ڪيترائي ورھيہ غار ۾ سندن ڪَنن تي (گھاٽي ننڊ جا پردا) ھنياسون
ثُمَّ بَعَثْنَاهُمْ لِنَعْلَمَ أَيُّ الْحِزْبَيْنِ أَحْصَىٰ لِمَا لَبِثُوا أَمَدًا
وري کين ھن لاءِ اُٿاريوسون تہ ڏيکاريون تہ جا مدت رھيا سا ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي کي ياد آھي
نَحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ نَبَأَهُمْ بِالْحَقِّ ۚ إِنَّهُمْ فِتْيَةٌ آمَنُوا بِرَبِّهِمْ وَزِدْنَاهُمْ هُدًى
اسين تو کي سندن سچي خبر بيان ڪريون ٿا، بيشڪ اُھي چند نوجوان ھئا جو پنھنجي رب تي ايمان آندو ھئائون ۽ کين وڌيڪ ھدايت ڪئي ھئي سون

Choose other languages: