Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Hashr Ayahs #14 Translated in Sindhi

وَالَّذِينَ جَاءُوا مِنْ بَعْدِهِمْ يَقُولُونَ رَبَّنَا اغْفِرْ لَنَا وَلِإِخْوَانِنَا الَّذِينَ سَبَقُونَا بِالْإِيمَانِ وَلَا تَجْعَلْ فِي قُلُوبِنَا غِلًّا لِلَّذِينَ آمَنُوا رَبَّنَا إِنَّكَ رَءُوفٌ رَحِيمٌ
۽ (اِھو مال اُنھن لاءِ بہ آھي) جيڪي اِنھن (يعني مھاجرن ۽ انصارن) کانپوءِ آيا، چوندا آھن تہ اي اسان جا پالڻھار! اسان کي بخش ۽ اسان جي (اُنھن) ڀائرن کي (بہ) جن ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳرائي ڪئي ۽ مؤمنن بنسبت اسان جي دلين ۾ ڪو کوٽ نہ وجھ، اي اسان جا پالڻھار! بيشڪ تون ڏاڍو شفقت ڪندڙ مھربان آھين
أَلَمْ تَرَ إِلَى الَّذِينَ نَافَقُوا يَقُولُونَ لِإِخْوَانِهِمُ الَّذِينَ كَفَرُوا مِنْ أَهْلِ الْكِتَابِ لَئِنْ أُخْرِجْتُمْ لَنَخْرُجَنَّ مَعَكُمْ وَلَا نُطِيعُ فِيكُمْ أَحَدًا أَبَدًا وَإِنْ قُوتِلْتُمْ لَنَنْصُرَنَّكُمْ وَاللَّهُ يَشْهَدُ إِنَّهُمْ لَكَاذِبُونَ
اُنھن ڏانھن نہ ڏٺو اٿئي ڇا؟ جيڪي منافق ٿيا جي پنھنجن اُنھن ڀائرن کي چوندا آھن جيڪي ڪتاب وارن مان مُنڪر آھن، تہ (قسم آھي تہ) جيڪڏھن اوھان کي (وطن مان) تڙايو ويو تہ (اسين بہ) اوھان سان گڏ نڪرنداسون ۽ اوھان جي حق ۾ ڪڏھن بہ ڪنھن جو چيو نہ مڃينداسون ۽ جيڪڏھن اوھان سان ويڙھ ڪئي ويندي تہ اوھان جي ضرور مدد ڪنداسون، ۽ الله شاھدي ٿو ڏيئي تہ اِھي پڪ ڪوڙا آھن
لَئِنْ أُخْرِجُوا لَا يَخْرُجُونَ مَعَهُمْ وَلَئِنْ قُوتِلُوا لَا يَنْصُرُونَهُمْ وَلَئِنْ نَصَرُوهُمْ لَيُوَلُّنَّ الْأَدْبَارَ ثُمَّ لَا يُنْصَرُونَ
(قسم آھي تہ) جيڪڏھن (ڪتاب وارن کي وطن مان) تڙبو تہ (اِھي منافق) ساڻن (وطن مان) نہ نڪرندا، ۽ جيڪڏھن اُنھن سان جنگ ڪبي تہ کين مدد نہ ڏيندا، پر جيڪڏھن (کڻي) کين مدد ڏيندا بہ تہ ضرور (پنھنجون) پٺيون ڦيرائيندا، وري (پوءِ ڪٿان بہ) کين مدد نہ ڏبي
لَأَنْتُمْ أَشَدُّ رَهْبَةً فِي صُدُورِهِمْ مِنَ اللَّهِ ۚ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ قَوْمٌ لَا يَفْقَهُونَ
(اي مُسلمانؤ!) بيشڪ اوھين اُنھن جي دلين ۾ الله کان (بہ) وڌيڪ دھشت وارا آھيو، اِھو ھِن ڪري جو اُھي بي سمجھ قوم آھن
لَا يُقَاتِلُونَكُمْ جَمِيعًا إِلَّا فِي قُرًى مُحَصَّنَةٍ أَوْ مِنْ وَرَاءِ جُدُرٍ ۚ بَأْسُهُمْ بَيْنَهُمْ شَدِيدٌ ۚ تَحْسَبُهُمْ جَمِيعًا وَقُلُوبُهُمْ شَتَّىٰ ۚ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ قَوْمٌ لَا يَعْقِلُونَ
(سڀ) ھڪ ھنڌ تي اوھان سان (ٻاھر ڪڏھن) ويڙھ نہ ڪندا، پر قلعي واري (مضبوط) ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي آڙ ۾ (ڪندا)، پاڻ ۾ اُنھن جي ويڙھ تمام سخت پيل آھي، کين (مصلحت ۾) گڏ ٿيل ڀانئيندو آھين، پر اُنھن جون دليون ڌار ڌار آھن، اِھو ھن ڪري جو اُھي بي عقل قوم آھن

Choose other languages: